” ٽوئنڪل جي ڪري ڪيريئر متاثر ٿيو“ اڪشي ڪمار جا زال بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ کهلاڙي اڪشي ڪمار، گهرواري ٽوئنڪل کنا طرفان رک رکاءُ نه ڪرڻ واري عمل سبب پنهنجي ڪيريئر ۾ پهچندڙ نقصان جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪشي ڪمار ٻڌايو ته هو پنهنجي زال کي فلم جي اسڪريننگ لاءِ گڏ نه ويندو آهي ڇو ته جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته کيس گهرواري سان گڏ ويهي فلم ڏسڻي پوندي.
اداڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ان دوران هن کي اِهو ئي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته شٽ! هي سين بيڪار آهي، هي سين ته ڏاڍو خراب آهي، ڪلائمڪس تمام گهڻو ڊگهو آهي ۽ پوري فلم دوران گهرواري جا اهڙي قسم جا تبصرا ٻڌڻا پوندا آهن.
اڪشي موجب، جڏهن هو پهريون ڀيرو ٽوئنڪل کي پنهنجي ٽرائل لاءِ وٺي ويو هو ته پروڊيوسر کائنس پڇيو هوته ٽوئنڪل اوهان کي فلم ڪيئن لڳي؟ جنهن تي ٽوئنڪل جواب ڏنو ته ” بڪواس “ ان ردعمل کانپوءِ فلمساز وري ڪنهن ۾ فلم گڏ ڪم ناهي ڪيو.
اداڪار وڌيڪ چيو ته پر هن کي ٽوئنڪل جي دماغي صلاحيت دنگ ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ته کيس ڪائي شئي پسند ايندي آهي هوءَ دل سان ان جي واکاڻ ڪندي آهي.

نومبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو