تحريڪ انصاف جي احتجاج جي ‘فائنل ڪال’

Spread the love

ماجد مقصود
 

پي ٽي آئي جي باني عمران خان 24 نومبر 2024ع تي احتجاج جي ڪال ڏني آھي، ھن ڪال کي ڪجھ ماڻھو “فائنل ڪال” سڏي رھيا آھن، ۽ ھڪ اردو اخبار وري “ڊو ۽ ڊائي” جي سُرخي لڳائي آھي، جيڪا منھنجي حساب سان مناسب ناھي، اسان وٽ ڪُجهه اخبارون خبرن کي ٽوئسٽ ڏينديون آھن، جيئن ماڻھو ان ۾ دلچسپي وٺن. مارڪيٽنگ جي تقاضا به ڪجھ اھڙي آھي. پي ٽي آئي جي ڪال جو مقصد عمران خان جي آزادي ۽ انھن مٿان جيڪو اسٽيٽ جو جبر آھي، ان کي ختم ڪرڻ آھي. ھن احتجاج جو مقصد دُنيا جو ڌيان ڇِڪائڻ پڻ آھي. جيئن اوھان کي خبر آھي ته آمريڪا ۾ تازا اليڪشن ٿيا آھن ۽ آمريڪا جو نئون صدر ڊونالڊ ٽرمپ کٽي آيو آھي، جنھن جو اقتدار 20 جنوري 2025ع کان شروع ٿيندو، ان کان پي ٽي آئي جون وڏيون “اُميدون” آھن! جنھن لاءِ پارٽي جي حڪمت عملي آھي ته ميدان کي گرم رکجي، جيئن ٽرمپ حلف کڻي ته اھو عمران خان جي آزاديءَ جو پاڪستان کان مطالبو ڪري. ھن وقت تائين ڪانگريس آمريڪا ۾ خط پڻ لکيا آھن ته عمران خان کي آزاد ڪيو، پر پاڪستان جي حڪومت ان کي انڪري به سيريس نه ورتو آھي جو آمريڪا ۾ حڪومت تبديل ٿي رھي آھي. آمريڪا ۾ پي ٽي آئي جي ماڻھن صدر ٽرمپ تي وڏي سيڙپ ڪئي ۽ انجي اليڪشن مھم تي تمام گهڻا پئسا خرچ ڪيا آھن ۽ انھن کي ٽرمپ آسرو پڻ ڏنو آھي ته اقتدار ۾ اچي ھُو عمران خان جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪندو.

ٻئي طرف حڪومت جي حڪمتِ عملي آھي ته، عمران خان کي عدالت مان جلدي سزا ڏيارجي ۽ آمريڪا کي ٻڌائجي ته عمران خان کي پاڪستان جي عدالت سزا ڏني آھي، جيڪا عدالت ئي ختم ڪري سگھي ٿي ۽ حڪومت ڪجھ نٿي ڪري سگھي. ان کان سواءِ حڪومت جي پوري پوري ڪوشش آھي ته 24 نومبر وارو احتجاج ناڪام وڃي. وزير اعظم جي مشير ته ايتري قدر چيو آھي ته، 24 نومبر تي جيڪي پي ٽي آئي جا اڳواڻ احتجاج ڪرڻ چاھين ٿا، اُھي سڀ گرفتار ٿي ويندا ۽ انھن کي ڪنھن به صورت ۾ احتجاج ڪرڻ نه ڏنو ويندو پر ھن وقت حڪومت به ايتري مضبوط نٿي نظر اچي، جيتري ڪجھ مھينا اڳ ھئي، ھن وقت حڪومت کان اتحادي پڻ ناراض آھن، مولانا حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آھي. ان کان سواءِ پيپلز پارٽي جيڪا حڪومت جي اھم اتحادي آھي، ان جي چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ (ن) ليگ جي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آھي ته، حڪومت انھن سان دوکو ڪيو آھي، جيڪي واعدا ڪيا ھئا، انھن کي مانُ نٿي ڏي. ان کان سواءِ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج ملڪ ۾ وڌندڙ دھشتگردي آھي، ڇو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ حملا ٿي رهيا آهن ٿا، جنھن ۾ فوجي جوان ۽ عام ماڻھو شھيد ٿين ٿا ۽ حڪومت ان کي روڪڻ ۾ بلڪل ناڪام نظر اچي ٿي.

حڪومت جو ٻيو وڏو چئلينج بلوچستان ۾ وڌندڙ دھشتگردي آھي، جتي ھاڻي نوجوان خودڪش حملا ڪري رھيا آھن، جنھن کي روڪڻ ۾ حڪومت بلڪل ناڪام ٿي نظر اچي. بلوچستان جا روايتي سياستدان قومي سياست مان بيزار ٿا نظر اچن ۽ اُھي قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي رھيا آھن، جنھن کي بلوچستان جي عوام وڏو ساراھيو آھي.

ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته، حڪومت اھڙين حالاتن ۾ پي ٽي آئي جي احتجاج کي ڪيئن ٿي منھن ڏي. ھن وقت حڪومت وٽ رڳو ڏنڊو نظر اچي ٿو ۽ ھو احتجاج کي طاقت جي ذريعي ختم ڪرڻ چاھين ٿا، پر طاقت جي استعمال سان ملڪ ۾ حالات خراب ٿي سگھن ٿا، ڇو ته ھن وقت پوري ملڪ ۾ ماڻھو نواز ليگ جي حڪومت مان خوش ناھن. ٿوري گهڻي جيڪا پاڪستان جي ڪرنسي ۾ استحڪام آيو آھي، ان جو سبب آءِ ايم ايف جي امداد آھي، جنھن جون قسطون مسلسل ملي رھيون آھن، پر آئي ايم ايف جي امداد سان ڪا سيڙپ مستقبل لاءِ نه ٿي رھي آھي. جيئن قرض ختم ٿيو، ملڪ ۾ وري وڏو معاشي بحران اچي ويندو. اھڙين حالتن ۾ حڪومت جي ڏنڊي واري پاليسي جي ڪامياب وڃڻ جا امڪان تمام گهٽ آھن.

ڪجھ ماڻھن جو اھو به خيال آھي ته، 24 نومبر وارو احتجاج بلڪل ناڪام ويندو پر مان سمجھان ٿو جيڪڏهن ڪجھ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو اسلام آباد پھچي ويا ته انجو بين الاقوامي اثر ٿيندو ۽ دنيا جي اخبارن ۾ ھيڊ لائين لڳنديون، جنھن جو فائدو عمران خان کي ضرور پھچندو. ھن احتجاج جون واڳون بُشرا بي بي جي حوالي آھن، جيڪا نوجوانن سان ڌڙا ڌڙ ملاقاتون ڪري ھدايتون ڏئي رھي آھي ۽ وڏا امڪان آھن ته ھن احتجاج ۾ عورتن جو وڏو تعداد شرڪت ڪري ۽ اھو حڪومت لاءِ تمام ڏکيو ھوندو ته ھزارن جي تعداد ۾ عورتن کي گرفتار يا لٺبازي ڪري. جيڪڏهن عورتن کي به نه بخشيو ويو ۽ اسٽيٽ آپريشن ٿيو ته ملڪ ۾ ھڪ وڏو سياسي بحران اچي سگھي ٿو، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ موجودہ حڪومت جي وس جي ڳالھ نه ھوندي.

نومبر 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو