عاقب جاويد کي وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ بڻائڻ جو امڪان
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽي جي اهم ميمبر عاقب جاويد کي وائيٽ بال جو هيڊ ڪوچ بڻجڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.
پي سي بي طرفان اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد کي زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا جي دوري لاءِ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب جيڪڏهن عاقب جاويد راضي ٿي ويو ته هو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ قومي ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ هوندو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن ثقلين مشتاق ۽ مصبح الحق جي نالن تي غور ڪيو ويندو.
واضح رهي ته آسٽريليا جي دوري کان اڳ گيري ڪرسٽن هيڊ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ ريڊ بال جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي کي آسٽريليا جي دوري لاءِ عارضي طور ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته آسٽريليا جي دوري کانپوءِ پاڪستان کي زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز کيڏڻي آهي.