پاڪستاني بيٽر 94 رنز به نه ٺاهي سگهيا: آسٽريليا خلاف پهرين ٽي_20 ميچ ۾ 64 تي ڍير

Spread the love

برسبين: (اسورٽس ڊيسڪ)  پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شڪست سان شروعات ڪئي آهي. ان ڏس ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ برسبين ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. آسٽريليا طرفان ڏنل 94 رنسن جو حدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ٽيم مقرر 7 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 64 رنسون ئي ٺاهي سگهي. پاڪستان جي حسيب الله 12 ۽ صاحبزاده فرحان 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.  

عثمان خان ۽ سلمان آغا 4-4 ۽ بابر اعظم 3 رنسون ٺاهي سگهيا جڏهن ته محمد رضوان عرفان خان ۽ نسيم شاهه ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. شاهين شاهه آفريدي 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته عباس آفريدي 20 رنسن سان ناقابل شڪست رهيو.  آسٽريليا جي زيوير بارٽيليٽ ۽ نيٿن ايليس 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون. برسات سبب ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 7 اوورز جي راند کيڏي وئي. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو هو.

آسٽريليا طرفان گلين ميڪسويل 19 بالن تي 43 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. انهي جي اننگز ۾ 5 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل آهن. انهي کان علاوه ميٿيو شارٽ 7، جيڪ فريسر ۽ ٽم ڊيوڊ 9-9 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا. آسٽريليا مقرر ستن اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ جڏهن ته عباس آفريدي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان طرفان حسيب الله ۽ سلمان علي آغا آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪيو.

نومبر 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو