سنڌ جا اهم مسئلا ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خاموشي!
ايم بي سومرو
سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مسلسل ۽ بنا وقفي جي حُڪمراني پندرنهن سالن جي وڌيڪ عرصي کان جاري آھي. پهرين ته سياسي حڪومتن وٽ اهو عذر ۽ بهانو هوندو هو ته، سياسي حڪومتن کي 18 کان 23 مهينن کان پوءِ مختلف طريقن سان گهر اُماڻيو وڃي ٿو. هاڻي سياسي ڌُرين وٽ اهو عذر ۽ بهانو به نه رهيو آھي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ گهڻن وزير اعظمن پنجن سالن جي مدت تائين عهدي تي رهڻ جو اعزاز نه ماڻيو آھي پر 2002ع کان هن وقت تائين چئن اسيمبلين پنج سالن جي مدت مڪمل ڪئي آھي، ائين سنڌ جي تاريخ ۾ سيد قائم علي شاهه سڀ کان پهرين وزير اعليٰ طور پنج سالن جي مدت مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، سيد مراد علي شاهه سنڌ جي تاريخ ۾ اهو ٻيو وڏو وزير آھي، جنهن وزير اعليٰ طور پنج سالن جي مدت مڪمل ڪئي آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ سيد قائم علي شاهه وزير اعليٰ طور سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين عهدي تي رهندڙ وڏو وزير آھي، ائين ٻئي نمبر تي ان عهدي تي سڀ کان وڌيڪ رهندڙ مراد علي شاهه آھي. جيڪڏهن ان هِيءَ به مدت مڪمل ڪئي ته مراد شاهه سنڌ جي پارلياماني تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وڏو وزير هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري وٺندو. منهنجي اڄوڪي ڪالم جو اهو موضوع هرگز نه آھي ته ڪير ڪيترو عرصو وڏو وزير رهيو، ان پنهنجي ذات، عزيزن، دوستن لاءِ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا پر منهنجي اڄوڪي ڪالم جو موضوع اهو آھي ته پيپلز پارٽي جي مسلسل پندرنهن سالن جي حڪمرانيءَ دوران مرڪز کان سنڌ کي ڪهڙا حق ملي سگهيا آھن ۽ عرصي کان ٿيندڙ زيادتين کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪيتري ڪاميابي ملي سگهي. ظاهر آھي ته جيڪڏهن عرصي کان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي ته ان جا مثبت اثر عام ماڻهن ڏانهن ئي منتقل ٿيڻا هوندا آھن ۽ اگر عرصي کان زيادتي جو سلسلو ختم نه ٿي سگهندو آھي ته پوءِ ان جي پيڙا جي ڪيفيت، عذاب ۽ مصيبت جو روپ ڌاري وٺندي آھي. اهو پيپلز پارٽيءَ جو ڪريڊٽ آھي جو ان جي 2008ع جي شروع ٿيل دور حڪومت ۾ 18 هين آئيني ترميم منظور ٿي، جنهن تحت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صوبن کي آئيني طور غير معمولي ۽ مڪمل طور تي نه ئي سهي پر ڪنهن حد تائين صوبائي خودمختياري ملي. نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ويو، صوبن کي آئيني طور تيل ۽ گيس آمدني ۾ پنجاهه سيڪڙو حصيدار قرار ڏنو ويو پر ڏسجي ته 2010ع ۾ منظور ٿيندڙ 18 هين آئيني ترميم تحت اڃان تائين سنڌ صوبي جو صوبي اندر پيدا ٿيندڙ گيس کي استعمال ڪرڻ جو پهريون آئيني حق نه ملي سگهيو آھي. سنڌ تيل ۽ گيس پيدوار ۾ پنجاهه سيڪڙو جي آئيني طور حصدار آھي، يا ته سنڌ حڪومت آئين تحت ان حوالي سان حصو وٺڻ ۾ ناڪام رهي آھي ۽ جيڪڏهن ملي رهيو آھي ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي زندگين ۾ واضح تبديلي ڇو نظر نه اچي رهي آھي. سنڌ ۾ هر طرف بدحالي ۽ تباهي جا منظر ڇو ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آھن، ڇا سنڌ صوبي ۾ ڪو به هڪ ضلعي، تعلقي هيڊڪواٽر جو شهر اهڙو آھي، جنهن جو نالو کڻي اهو چئي سگهجي ته فلاڻو شهر ‘ماڊل شهر’ آھي، جنهن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ساراهه جوڳي حال ۾ موجود آھن.
جيڪڏهن هن دور ۾ به اسان سڄي سنڌ مان ڪنهن هڪ تعلقي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر ۾ سمورين بنيادي سهولتن جي فراهمي ڪرڻ کان قاصر آھيون ته حڪمراني جي تسلسل مان سنڌ جي ماڻهن کي ٻيو ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو؟! اسان جي صوبي ۾ اڄ به لڳ ڀڳ اڌ آبادي ناخواندگي جي اونداهين دور ۾ آھي، انهن وٽ علم جي روشني اڃان تائين پهچي نه سگهي آھي. سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمس جو ته ڪنهن به موقعي تي حوالو پيش ڪرڻ جو موقعو نٿي وڃائي پر اهو به ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي سول ، تعلقي هيڊڪوارٽر جي اسپتالن ۾ عام ماڻهن کي علاج جي ملندڙ سهولت جي حالت ڇا آھي، سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ جديد ٽيسٽن کان وٺي آپريشنن ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگيءَ کي يقيني بنايو ويو آھي. سنڌ ۾ امن امان جي حالت اها آھي ته شڪارپور، ڪشمور، سکر، گهوٽڪي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ لاڳو ٿيل محسوس ٿئي ٿو، ڌاڙيل جنهن وقت چاهين شهري اغوا ڪري آسانيءَ سان ٺڪاڻن تائين پهچي وڃن ٿا ۽ وڏي بيدردي ۽ بيرحميءَ سان مغوين تي تشدد ڪرڻ واريون وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا ذريعي وائرل ڪري 50 لک کان ڪروڙ تائين به ڀنگ گهريو وڃي ٿو. حڪومت کي اندازو به آھي ته انهي لاقانونيت جو پيغام ڏيندڙ مغوين جون وڊيوز انهن جي اولاد، والدين، گهرڀاتين تي ڪهڙي ڪيفيت برپا ڪن ٿيون، نه رڳو ايترو پر اڪثر طور تي مغوين جي بازيابيءَ بعد ڀنگ ڀري آزاد ٿيڻ جون سامهون ايندڙ خبرون قانون جي حڪمراني لاءِ ڪيتري قاتل زهر وانگر هونديون آھن، سنڌ ۾ تعليم خراب حالت ۾، روڊ رستا تباهه ٿيل، امن امان موڪلائي ويل، انتهاپسندي عروج تي، شهرن ۾ پاڻي کوٽ، ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ خودڪشين جا واقعا سنڌ جي صورتحال جي جيڪا تصوير ڪشي ڪن ٿا، اها تصوير ڪشي سنڌ جي حڪمرانن پاران ڪئي ويندڙ تصوير ڪشي جي بلڪل ابتڙ ۽ مختلف آھي. ان صورتحال ۾ سنڌ جا ماڻهو ئي بهتر فيصلو ڪري سگهن ٿا ته ڪهڙي تصوير ڪشي درست ۽ موجوده سنڌ جي حقيقي تصوير ڪشي آھي.
مٿي اهو اقرار ڪري آيو آھيان ته 18 هين آئيني ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري ڏيڻ وارو عمل پيپلز پارٽي جي 2008ع جي حڪومت جو ڪارنامو آھي پر سوال هي آھي ته ڇا 18 هين ترميم تحت صوبن کي مليل خودمختياري باقي رهي آھي؟ اهو اهڙو سوال آھي، جنهن تي غور ڪجي ته اڻ سڌي ريت 18 هين ترميم ڪنهن حد تائين بنا آئين ۾ ترميم ڪرڻ جي غير موثر ٿي وئي آھي. انهيءَ ۾ پيپلز پارٽي ، نواز ليگ، پي ٽي آءِ سوڌو اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين جو برابر حصو آھي. ڇا اها حقيقت ناهي ته جيڪي وزارتون 18 هين ترميم ذريعي مرڪز مان ختم ڪري صوبن حوالي ڪيون ويون، انهن کي مختلف نالن سان وري قائم ڪيو ويو. سوال هي به آھي ته جيڪي وزارتون صوبن کي منتقل ٿيون، انهن وزارتن جا مامرا ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تي حل ڪرڻ، انهن بابت فيصلا ڪرڻ ڇا صوبائي خودمختياري جي تصور جي خلاف نه آھن؟ ڪهڙي صوبي ۾ ڪيتري زمين ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏني وڃي کان وٺي فيصلا ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تي ڪيا پيا وڃن .
سنڌ کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پاڻي جي ورڇ ۾ زيادتي جي شڪايت رهي آھي، جيڪا شڪايت ختم ٿيڻ بجاءِ هاڻي ڳنڀيرتا اختيار ڪري چڪي آھي. پيپلز پارٽي پندرنهن سالن ۾ پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ سان زيادتي جو خاتمو ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه ٿي آھي پر سنڌ جي پاڻيءَ کي وڌيڪ گهٽائڻ جهڙا منصوبا به روڪرائي نه سگهي آھي، ڪراچي ۽ ڪنهن حد تائين حيدرآباد شهر کي ڇڏي باقي سنڌ ۾ رهندڙ 95 کان 98 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر سڌي يا اڻ سڌي ريت زراعت تي آھي. جڏهن پوکيءَ لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ غير معمولي هوندي، تڏهن ان جو سنڌ جي ماڻهن تي اثر به غير معمولي ۽ ڀيانڪ هوندو. سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان وٺي شايد ئي ڪا سيزن هجي، جنهن دوران پاڻيءَ جي سخت کوٽ سامهون نه رهي هجي. اخبارون گواهه آھن ته ٻن ڏهاڪن کان سنڌ جو شايد ئي ڪو ضلعو هجي، جنهن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج نه ڪيو هجي پر ان هوندي به پنجاب ائين نئين زمين آباد ڪرڻ جي رٿابندي ڪندو رهي ٿو جو ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ئي نه آھي! سال 2003ع کان هن وقت تائين پنجاب اهو چئي ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪرائيندو رهيو آھي ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي موجود ناهي جو پاڻي ٺاهه جي پيرا ٻه تحت پاڻي ورڇ ٿي سگهي. ٽه رخي فارمولي تحت ورڇ ڪرائي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻي کوٽ جا دليل پيش ڪرڻ ۽ جڏهن پنجاب کي نوان ڪينال تعمير ڪرائڻا آھن، تڏهن اهو دليل ته انهن ڪينالن کي پنهنجي حصي مان پاڻي ڏينداسين. پاڻي ٺاهه ۾ هر ڪينال کي پاڻي الاٽ ٿيل آھي، ان تحت صوبن جو مجموعي شيئر به طئي ڪيو ويو آھي، پنجاب اهو ڇو نٿو ٻڌائي ته ڪهڙن ڪينالن جو پاڻي گهٽ ڪري نون ڪينالن کي ڏنو ويندو ۽ ائين ڇو ۽ ڪيئن ڪري سگهبو. ڇا انهن ڪينالن ۾ زرعي آبادي بند ٿي وئي آھي يا انهن آباد زرعي زمينن کي غير آباد ڪرڻ جي ڪا رٿابندي آھي. ائين ته نٿو ٿي سگهي ته پنجاب موجوده آباد زمينون به آباد ڪري ۽ وري نون ڪينالن کي به پاڻي جي فراهمي ڪري سگهي پر ان هوندي به پنجاب مسلسل ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري چوڻي وانگر پنهنجي مرضي مڃرائي پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪندو رهي ٿو. 2001ع ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي فيز-ون جي سنڌ پاران مخالفت باوجود اهو منصوبو نه رڳو ٺهيو پر مڪمل به ٿيو ۽ هاڻي گريٽر ٿل ڪينال فيز-ٻه جو مامرو منظوري جي اسٽيج تي اچي پهچايو ويو آھي. نه رڳو ايترو پر ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم کي موقعو ۽ غنيمت طور استعمال ڪرڻ لاءِ چولستان ڪينال جو منصوبو به سامهون آندو ويو آھي، جنهن جي سي ڊي ڊبليو پي سنڌ جي اعتراضن باوجود منظوري ڏئي ڇڏي آھي. نه رڳو ايترو پر پنجاب چولستان ڪينال لاءِ سنڌ جي اعتراضن باوجود ارسا مان به اين او سي وٺي ڇڏي آھي. اها حقيقت آھي ته سنڌ صوبو مسلسل ارسا ۽ ٻين فورمن تي پنجاب جي منصوبن تي اعتراض واريندو رهيو آھي پر سوال هي آھي ته اهڙا اعتراض ڪهڙي ڪم جا آھن، جيڪي رڳو اعتراض ئي هجن ۽ پنجاب ڪينال مٿان ڪينال به ٺهرائيندو وڃي. ماضي جو قصو ڌار آھي پر هن وقت انتهائي ذميواري سان چوان ٿو ته وفاقي حڪومت قائم ئي پيپلز پارٽي جي ووٽن تي آھي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ سان زيادتي ڪري ٿي، جنهن جي نشاندهي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ڪالھ پريس ڪانفرنس ۾ به ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کان صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شوري تائين به انهن منصوبن جي مخالفت ۾ تفصيل سامهون ايندا رهيا آھن. سوال هي آھي ته، جيڪڏهن سنڌ لاءِ اهي منصوبا هاڃيڪار آھن ته پوءِ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) سان هڪ هڪاڻي ڇو نٿي ڪري؟ جيڪڏهن (ن) ليگ نٿي مڃي ته پوءِ پيپلز پارٽي کي ڇا حڪومت جي سپورٽ قائم رکڻ گهرجي، ان سوال تي پيپلز پارٽي کي غور ڪرڻ گهرجي. باقي رڳو اعتراض وارڻ ۽ ان ۾ ڪابه ڪاميابي نه ٿي سگهڻ جو عمل سنڌ لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار آھي.
هڪڙو سوال اهو به آھي ته پيپلز پارٽي کي انهن سوالن جا به جواب ڏيڻ گهرجن ته ڇا صدر آصف زرداري “گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام” بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. انهي مامري کي مهينن جو وقت ٿي ويو آھي، آصف زرداري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس جا منٽس سامهون اچي چڪا آھن پر آصف زرداري جي صدارت ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ٿيڻ جي هن وقت تائين ڪا به ترديد سامهون نه آئي آھي، ان جو مطلب ڇا وٺجي، ڇو ته خاموشي نيم رضامندي هوندي آھي پر اهو مامرو اهڙو آھي، جنهن تي خاموش ٿي ويهي نٿو سگهجي، ڇو ته انهن ترميمن ذريعي ارسا کي وفاقي حڪومت جي ٻانهي وانگر ادارو ٺاهڻ جي تياري ٿي رهي آھي. قومي اسيمبلي جي فلور تي سيد نويد قمر اهو چئي چڪو آھي ته، مس مس ڪالاباغ ڊيم مان جان ڇُٽي آھي، وري اسان کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي مصيبت ۽ مشڪلاتن ۾ آندو پيو وڃي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ کي معلوم آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ايترو خطرناڪ آھي ته پوءِ نگران حڪومت ۾ ڏنل زمين ڪينسل ڇو نٿي ڪري؟ قومي اسيمبلي ۾ به پاڻي مامرن جي وزير مصدق ملڪ کين اهو جواب ڏنو هو ته، سنڌ حڪومت گرين پاڪستان پروگرام لاءِ پاڻ زمين ڏني آھي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي اعتراض آھي ته، سنڌ حڪومت ان مامري مان ئي نڪري وڃي، مامرو ئي ختم ٿي ويندو. وفاقي وزير جي انهي تجويز کي مهينن جو وقت ٿيو آھي پر پيپلز پارٽي عملي قدمن کڻڻ کان پاسو ڪندي رڳو بيانن تائين محدود آھي. ان لاءِ صرف سنڌ جي شاعر اياز گل جو هِي شعر پيش ڪري سگهان ٿو ته:
ميسحا ديس جي دردن جو ڪو علاج ڀي ڳولھ،
رڳا بيان نه ڏي، رڳا خطاب نه ڪر
