جيڪو ٽيم جي ڪاميابي لاءِ بهتر هوندو ان کي کيڏائينداسين: محمد رضوان

Spread the love

برسبين (ويب ڊيسڪ) قومي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته آسٽريليا خلاف آسٽريليا ۾ کيڏڻ آسان ناهي پر ڪوشش هوندي ته پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ جيڪو بهتر هجي، ان کي ٽيم ۾ شامل ڪجي.
برسبين ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته جڏهن توهان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندا آهيو ته چئلينج ضرور هوندا آهن، آسٽريليا خلاف آسٽريليا ۾ کيڏڻ آسان ناهي.
آسٽريليا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پليئنگ اليون بابت سوال تي محمد رضوان چيو ته ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر ڪجهه ڳالهيون سيڪريٽ هونديون آهن، مان سدائين مشوري سان هلندو آهيان، جيڪو فيصلو ٽيم لاءِ بهتر هوندو اهو ڪنداسين.
چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان هن چيو ڀارتي ٽيم ايندي ته آجيان ڪنداسين پر اهي بورڊن جا فيصلا آهن ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه، اسان کي اميد آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي.

نومبر 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو