انگلينڊ خلاف تاريخي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نعمان علي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ قرار

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اسپنر نعمان علي کي آڪٽوبر جو آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي.
نعمان علي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، هن سيريز ۾ 20 وڪيٽون ورتيون هيون.
ان حوالي سان نعمان عليءَ جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ سندس لاءِ اعزاز آهي، ايوارڊ کيس وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪرڻ تي اتساهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته هو انگلينڊ خلاف ٽيم ۾ واپسي ۽ تاريخي ڪارڪردگي لاءِ سپورٽ ڪرڻ ساٿي رانديگرن جو ٿورائتو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي آڪٽوبر جي پليئر آف دي منٿ ايوارڊ لاءِ نعمان علي، ڏکڻ آفريڪا جي ڪگيسو رباڊا ۽ نيوزيلينڊ جي مچل سينٽر کي نامزد ڪيو ويو هو.

نومبر 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو