پاڪستان جو اولمپڪس سميت هر فورم تي ڀارت کي چئيلنج ڪرڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ کان انڪار تي پاڪستان راندين جي هر فورم تي ڀارت کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، پاڪستان طرفان ڀارت جي اولمپڪس بڊ جي به مخالفت ڪئي ويندي، ڀارت 2036 ۾ اولمپڪس جي ميزباني جو خواهشمند آهي.
حڪومت ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان راندين ۾ ڀارتي رويي تي آءِ او سي کي خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪيئي ڀيرا راندين ۾ سياست کي ملوث ڪيو، چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي حڪومت به سخت موقف اختيار ڪيو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڀارت جي چيمپيئنز ٽرافي جي سلسلي ۾ پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي طرفان حڪومت سان رابطو ڪيو ويو ۽ ڀارت جي نه اچڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.

نومبر 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو