سڪرنڊ لڳ ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي واسين جو سڪرنڊ پوليس پاران نوجوان کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي جي رهواسين جو سڪرنڊ پوليس پاران نوجوان کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ خلاف سڪرنڊ ٿاڻي اڳيان احتجاج.
ڳوٺاڻن غلام مصطفيٰ جلالاڻي ، جنسار جلالاڻي ، گلشن علي، اياز علي جلالاڻي ۽ ٻين سڪرنڊ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته سڪرنڊ پوليس بلاجواز اسان جي نوجوان نثار علي جلالاڻي کي هڪ ڏينهن اڳ بغير ڪنهن ڪيس جي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.
اسان کي نوجوان سان ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. هنن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.
نومبر 10, 2024