ٻي ميچ کٽي سيريز برابر ڪنداسين: نسيم شاهه

Spread the love

ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته مڪمل فٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪهڙي به وقت تڪليف ٿي سگهي ٿي.
ايڊيليڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو ته ڪريمپس ريڪور ٿيڻ ۾ گهڻو وقت نٿو لڳي، ٽائيم گهٽ هئڻ سبب اوور مڪمل نه ڪري سگهيس.
هن چيو ته پهرين ميچ فتح جي ويجهو پهچي هارائي وياسين، اميد آهي ته ٻي ميچ کٽي سيريز برابر ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ايڊيليڊ جي پچ سٺي آهي، هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي، ميچ کانپوءِ گهڻيون ڳالهيون ٿيون ته يارڪر نه ڪيو ويو، هيئن نه ٿيو هوئن نه ٿيو، پچ جي ڪنڊيشن ۽ صورتحال موجب ئي بالنگ ڪئي.
نسيم شاهه چيو جڏهن بيٽنگ تي ويندو آهيان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته وڪيٽ بچائي آخري بال تائين فائيٽ ڪيان.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

نومبر 7, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو