آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ، سلمان، رضوان ۽ بابر جي ترقي

Spread the love

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) ٽيسٽ پليئرز جي هفتيوار رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ٽيسٽ پليئرز جي بيٽنگ رينڪنگ ۾ جوءِ روٽ جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ئي هيري بروڪ هڪ درجو ترقي ماڻيندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.
ڀارت جي رشڀ پنت پنج درجا بهتري کانپوءِ ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل جي اٺ درجا ترقيءَ کانپوءِ ستين پوزيشن آهي.
ان کانسواءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم هڪ درجو ترقي کانپوءِ 17 هون نمبر ماڻي ورتو آهي.
سلمان علي آغا هڪ درجو ترقيءَ کانپوءِ 19 هين جڏهن ته پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ٻه درجا ترقيءَ بعد 20 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ٽيسٽ بالرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪاگيسو رباڊا جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، آءِ سي سي ٽيسٽ بالرن جي درجابندي ۾ پاڪستان جي نعمان عليءَ جو نائون نمبر آهي.
ڀارت جي رويندرا جاڙيجا ٻه درجا بهتري کانپوءِ ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي، ڪيشو مهاراج چار درجا ترقي ماڻيندي 19 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي رويندرا جاڙيجا جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي.

نومبر 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو