سلمان خان کي قتل جي ڌمڪي ڏئي ٻه ڪروڙ ڀنگ گهرندڙ جوابدار سوگهو

Spread the love

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ٻه ڪروڙ ڀنگ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙائي ۾سلمان خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر قتل جون ڌمڪيون مليون هيون

۽ ڌمڪيون ڏيندڙ اڻڄاتل جوابدارن سپر اسٽار کان ٻه ڪروڙ ڀنگ جو مطالبو ڪيو هو.

رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار طرفان ممبئي ٽريفڪ پوليس کي موڪليل واٽس ايپ پيغامن ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڀنگ جي رقم ادا نه ڪئي وئي ته سلمان خان کي قتل ڪيو ويندو.

نومبر 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو