آمريڪا جي “مايا تهذيب” ۽ سنڌ ۾ “مُهين جو دڙو”

Spread the love

اعزاز پيرزادو

 ڪالھ عالمي خابرو اداري جي ذريعي ڄاڻ ملي ته، آمريڪا جي شھر ميڪسيڪو جي ھڪ قديم ٻيلي مان سندن قديم تھذيب “مايا سولائيزيشن” سان واسطو رکندڙ ھڪ قديم ماڳ ليڊار سروي جي بنيادن تحت ڳولي لڌو ويو آھي. سوال اچي ٿو ته سروي ته سمجھ اچي ٿي، اھا ليڊار LIDAR  سروي وري ڇا آھي؟ ‏ليڊار  (لائيٽ ڊيٽيڪشن ۽ رينجنگ) سروي ھڪ مخصوص زميني ٽڪري جي مٿاڇري جي منظرنامي يعني ڊيٽا کي حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. ان سروي سان اسان اڳ ۾ اڻ رڪارڊ ٿيل ماڳن جي نشاندهي ڪري سگهون ٿا، ڄاڻايل آثار قديمه جي ماڳن جي مڪمل حد جو اندازو لڳائي سگهون ٿا ۽ انهن جي حالت جي خبر پڻ لھي سگهون ٿا.

                 آمريڪا جي ٽولين يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ليوڪ ايولڊ ٿامس ٻڌائي ٿو ته، گوگل سرچ دؤران مون کي ماحولياتي نگراني لاءِ استعمال ٿيل ليزر ميڪسيڪو جي ھڪ اداري مان مليو، اھو ليزر دراصل ليڊار سروي جو ھو، جنھن اندر جھاز جي اڏام دوران ليزر ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ھڪ علائقي جو نقشو ٺاھيو ويو ھو. ليڊار سروي ۾ گھربل ٽيڪنالاجي ۽ ناڻي جو انداز ھتي ٿي ويو ھوندو پر وڏي ڳالھ اھا آھي ته دنيا ۾ اھڙي ٽيڪنالاجي موجود آھي، جيڪا عام اک سان نه ڏسجي سگھندڙ آثار، جيڪي زمين جي گھرائيءَ ۾ موجود آھن، اھي ان سروي اوزار جي مدد سان ڳولي ڊاڪيومينٽ ڪري ۽ سنڀالي سگھجن ٿا.

اھا سروي 2013 دوران 122 اسڪوائر ڪلوميٽر جي ايراضي ۾ ھڪ ٻيلي جو جائزو وٺندڙ اداري پاران ڪئي وئي ھئي ۽ ان ساڳي ئي سروي کي جڏھن ھڪ آرڪيالاجسٽ پنھنجي نظر سان ڏٺو ته ان علائقي مان “مايا تھذيب” جو ھڪ شاھوڪار ماڳ دريافت ڪري ڏنو. ماڳ جو نالو Valeriana سڏيو اٿن ۽ ماڳ جي قدامت 250ع کان 900ع تائين جي ٻڌائين ٿا ۽ لڳ ڀڳ پنجاھ ھزار ماڻھن جي آبادي جو شھر ھجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آھي. ھن ماڳ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ذميواري به ھن ماڳ کي دريافت ڪندڙ شخص حوالي ڪئي وئي آھي ۽ ان جي ئي نگراني ھيٺ ٻي ٽيم ان ماڳ تي وڌيڪ کوجنا ۽ تحقيق ڪندي. ھڪڙي اھم ڳالھ اها ته ھن ماڳ جي ھڪ ليزر ٽيڪنالاجيءَ سان ھجڻ جي شاھدي ملڻ جي خبر آمريڪا، خاص طور ميڪسيڪو شھر جي انتظاميا ھر شھري تائين خوشخبري طور پھچائي آھي ۽ جلد ان ماڳ جي تحقيق مڪمل ڪري تاريخ ۽ آرڪيالاجي سان چاھ رکندڙ ماڻھن لاءِ ھڪ وزيٽنگ پوائنٽ طور کولجڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اھا خبر ٻڌڻ کانپوءِ ميڪسيڪو ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رھندڙ اسان جو عزيز ڊاڪٽر فرمان پيرزادو ٻلھڙيجي يوٿ جي واٽس ايپ گروپ ۾ ٻڌايو ته، ماڻھن ۾ تمام گھڻي خوشيءَ جو ماحول لڳو پيو آھي ۽ پنھنجي تھذيب جي ھڪ ماڳ جي دريافت جو ٻڌي ھتان جا اصلوڪا رھاڪو ھڪٻي کي مبارڪون ڏين ۽ وٺن پيا. اھا سڏبي آھي پنھنجي تاريخ ۽ پنھنجي شناخت سان چاھ، دلچسپي ۽ مالڪي.

ھِي سڀ لکڻ ۽ ٻڌائڻ جو صرف ھڪڙو ئي مقصد آھي ته، جيئن اسان پنھنجي خطي جو جائزو وٺون ته ڇا اسان جي ھن خطي ۾ تاريخ جا نشان ڪنھن به قسم جي وارثيءَ جو ڏيک ڏيندا آھن!؟ ھنن ڪيتري محنت کانپوءِ ھڪڙو ماڳ ڳوليو آھي، اسان جي سنڌ ۾ ته چپي چپي تي قديمي، تھذيبي ۽ تاريخي ماڳ آھن، ليزر ٽيڪنالاجيءَ کي پري رکو ھڪڙي چوديواري به ڪا آھي هٿ آيل ماڳن کي؟! جواب ايندو نه، مُھين جو دڙو جھڙو ماڳ سم ۽ ڪلر ۾ ڀُري پيو، مينھن جي موسم ۾ پلاسٽڪ جي ڪلي سان ماڳ کي ڍڪيو ويندو آھي. لاکن جو دڙو پڌر پٽ تي پنجاھ ايڪڙن ۾ ڦھليل ماڳ اسان ڪٽي وڍي ان مٿان فيڪٽريون ۽ ڪمرشل سوسائٽيون ٺاھي ڇڏيوسين. ذميوار ادارا جواب ڏيندا يا چوندا ته آمريڪا جي “مايا تھذيب” کان سنڌو سڀيتا جي اھميت تاريخي حيثيت ۾ گھٽ آھي؟! مايا تھذيب اڏيندڙن جڏھن خواب به نه ڏٺو ھو، تڏھن اسان مُھين جو دڙو جي شھر ۾ يورينيم جي پازيٽو استعمال سان دماغي بيمارين جو علاج ڪندا ھئاسين. سائونڊ پروف جڳھين ۾ رھندا ھئاسين. سامونڊي ۽ خشڪ رستن جا ڄاڻون ھئاسين ۽ سنڌو سڀيتا جا ئي ماڻھو ھئا، جن حساب ڪتاب جي آسانيءَ لاءِ زيرو، سفر جي آسانيءَ کاءِ ڦيٿو ايجاد ڪيو ھو، جڏھن ھر حوالي سان اسان جي ڌرتي باوقار ۽ باصلاحيت ھئي ته پوءِ اڄ ھن صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟

سنڌ جا نوجوانو! پنھنجي سوچ جو معيار بلند بالا بڻايو ۽ سوال ڪريو ھر اداري کان، ڇا اھي پنھنجو ڄاڻايل ڪم 10 سيڪڙو به ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان ڪن ٿا! جيڪڏھن نه ته پوءِ انتظامي بحران, بيروزگاري، تڪليفون ۽ جفاڪشيون ڪيئن نه ڏسنداسين، ھر پاسي کان ڌاڙيوال ھوندا ته خوشحال ڪيئن بڻباسين؟ سجاڳ ٿيڻ کان علاوہ ڪا به ٻي واٽ نه. آھي بچايو پنھنجي ماضي، حال ۽ مستقبل کي، نه ته ھاڻي اسان جي تاريخي حيثيت تي نه پر اسان جي ھجڻ تي حملو ٿيندو، ڪڏھن سنڌ جي زمينن تي والار جي صورت ۾ ڪڏھن سنڌوءَ تي ڊيم ۽ ڪئنال اڏڻ جي صورت ۾، پھريان جي خاموشي توھان جو وجود نه پئي ڳڙڪائي پر مسلسل خاموشي توھان کي ميساري ڇڏيندي.  پنھنجي حالت بدلائڻي آھي ته پنھنجو جائزو وٺڻ ۽ درپيش معاملن تي سجاڳ ٿيڻ سڀ کان اولين فرض آھي.

نومبر 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو