” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط وڏي پردي تي ڏيکارڻ جو اعلان

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني ڊارمي” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط وڏي پردي تي ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ ڊرامي” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط سئنما ۾ ڏيکاري ويندي، جنهن جي پروڊڪشن ڪمپني طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي.
پروڊڪيشن ڪمپني طرفان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي تصديق ڪئي وئي آهي ته ڊرامي جي آخري قسط ايندڙ مهيني نومبر ۾ سئنمائن ۾ ڏيکاري ويندي.
ڊرامي جي آخري پنج نومبر تي اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور سميت سڄي ملڪ جي سئنما گهرن ۾ ڏيکاري ويندي.

نومبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو