مستونگ ڌماڪي ۾ 5 اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا شهيد، 17 زخمي
مستونگ ۾ سول اسپتال ۽ گرلز اسڪول چوڪ وٽ پوليس موبائيل ويجهو ڌماڪي ۾ 5 اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا شهيد، 17 زخمي، ڪمشنر قلات نعيم بازئي جو چوڻ آهي ته اجل جو شڪار ٿيلن ۾ 5 اسڪولي ٻارڙا ۽ ٻارڙيون، هڪ پوليس اهلڪار ۽ واٽهڙو شامل آهن، زخمين کي نواب غوث بخش ميموريل اسپتال ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، 6 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد هڪ موٽرسائيڪل ۾ لڳايو ويو هو، جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڌماڪي سان اڏايو ويو، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن جي عمر 5 کان 10 سال آهي، زخمين ۾ 4 پوليس اهلڪار به شامل
