سکر آرٽس ڪائونسل ۾ قيدين جي هٿ سان ٺاهيل سامان جي نمائش نمائش
سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) سينٽرل جيل سکر انتظاميه پاران قيدين کي سکيا ڏيڻ ۽ انهن جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ کين سماج ۾ باعزت روزگار ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن
ان سلسلي ۾ سکر آرٽس ڪائونسل ۾ قيدين جي هٿ سان ٺاهيل سامان جي نمائش منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي جيل اسلم ملڪ ۽ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي خاص شرڪت ڪئي جيل سپرنٽينڊنٽ آغا ذوالفقار پٺاڻ، قيدين جي هٿ سان ٺهيل تسبيون، سنڌي ٽوپيون،رلهيون۔چادرون ،پينٽنگس، شو پيس، ليڊيز جيولري، پرس، چاٻيون، پکين ۽ ٻين شين جي نمائش ڪئي وئي
ڊپٽي جيل سپرنٽينڊنٽ آصف ڪورائي چيو ته نمائش ۾ وڪرو ٿيندڙ سامان جو سمورو منافعو قيدين کي ڏنو ويندو، جنهن سان هو پنهنجي گهروارن جي مدد ڪري سگهندا، شهرين هن نمائش کي جيل انتظاميه طرفان هڪ بهتر ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته جيل انتظاميه قيدين کي سماج ۾ باعزت روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
نومبر 1, 2024