بلوچستان ۾ معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائيندڙ درندا ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي
بلوچستان ۾ معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائيندڙ درندا ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران مستونگ بم ڌماڪي جي مذمت، پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته دهشتگردن معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي وڏو ظلم ڪيو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي به بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن غريب پورهيتن کانپوءِ هاڻي معصوم ٻارن کي به نشانو بڻايو آهي، دهشتگردن کان معصوم ٻارن ۽ بي گناهه ماڻهن جي خون جو حساب وٺنداسين، شهري آبادي ۾ مقامي ماڻهن کي به دهشتگردن تي نظر رکڻ گهرجي، اتحاد ۽ اتفاق سان ئي دهشتگرديءَ جي ديو جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو
نومبر 1, 2024
