ڪڪڙ ۽ آس پاس ۾ پوليو مھم عمل تيز ، ٽيمون جوڙيون ويون
ڪڪڙ (رپورٽر) ڪڪڙ ۽ آس پاس ۾ پوليو مھم عمل تيز ، 24 ٽيمون جوڙيون ويون ، سيڪورٽي سخت ڪڪڙ ۽ مٺو ٻٻر جي مختلف علائقن ڏانھن 5 سالن تائين معصوم ٻارڙن کي حفاظتي بچاءُ لاءِ پوليو جا قطرا پيارڻ لاءِ پوليو مھم جو عمل تيز ٿي ويو آھي ۽ سيڪورٽي پڻ سخت ڪئي وئي آھي
صحت کاتي طرفان جوڙيل 24 پوليو ٽيمون سان گڏ پوليس اھلڪار جا جوان مقرر ٿيل آھن ان موقعي تي پوليو ٽيمن جي انچارج صحافين کي ٻڌايو ته ڪڪڙ ۽ مٺوٻٻر جي ٻنھي يونين ڪائونسلن تي 5 سالن جا 13ھزار ٻارڙا داخل آھن جن کي اسين پوليو جا ڦڙا پياريندا آھيون ڳوٺن ڏانھن پوليو ٽيمون روانيون ڪيون ويون آھن
جن ۾ ڪڪڙ ، خانپور ، گل محمد چانڊيو ،مٺوٻٻر، ٻيلو پتڻ ، درمحمد ابڙو ، پريل قمبراڻي ، پير جڳشينھن ، قادربخش بروھي ، بنگلو ، پسيا ، سميت وڏي انگ ۾ ڳوٺ شامل آھن ،جن سان پوليس اھلڪار جا جوان پڻ شامل آھن ڊي سي دادو جي حڪم موجب پوليو مھم جي عمل کي تيز ڪيو آھي
اسان جي ڪوشش آھي ته جيئن ڪوبه معصوم ٻار پوليو جا ڦڙناپيارڻ کان رھجي نه وڃي ،پوليو ٽيمن پاران والدين کي اپيل ڪئي آھي ته پنھنجي گلڙن جي ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پياريو اھو توھان تي ھڪ قومي فرض ۾ شامل آھي
آڪٽوبر 31, 2024