ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او ۽ اي سي ميرپور ماٿيلو جي آرامشين خلاف ڪارروائي، احتجاج
میرپور ماٿيلو (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ؛ فاريسٽ کاتي جي ڊي ايف او ۽ اي سي ميرپور ماٿيلو جي آرامشين خلاف ڪارروائي، شهر جي نيشنل هاءِ وي بائي جي ڀرسان آرامشين خلاف ڪارروائي ڪندي مشينون بند ڪرائي ڇڏيون، آرامشین مالڪن پاران ڊي ايف او جي اهڙي عمل خلاف احتجاج،
ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح بغير نوٽيس ڏيڻ جي اسان جون مشينون بند ڪرائي ڇڏيون آهن، جيڪا اسان سان زيادتي آهي، ڊي ايف او خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،
مظاهرين تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ فاريسٽ کاتي جي ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح ۽ اي سي ميرپور ماٿيلو بابر علي پاران ميرپور ماٿيلو جي آرامشين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايف او ۽ اي سي ميرپور ماٿيلو شهر جي نيشنل هاءِ وي تي بائي جي ڀرسان آرامشين خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيتريون ئي مشينون بند ڪرائي ڇڏيون آهن،
جنھن بعد آرامشین مالڪن پاران ڊي ايف او جي اهڙي عمل خلاف ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو ، جنھن جي اڳواڻي جانب ڇڄڻ، بدر ڇڄڻ، صديق ڇڄڻ، ثناء ﷲ دائودپوٽو ،علي حسن ڇڄڻ، لکڻ شيخ، ۽ ٻين چيو ته ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح بغير نوٽيس ڏيڻ جي اسان جون مشينون بند ڪرائي ڇڏيون آهن،
هنن چيو ته اسان غريب آهيون اسان پنهنجي ٻچن جي روزي ڪيون ٿا، هنن چيو ته ڊي ايف او من پسند مشينون ڇڏي ڪري اسان جون مشينون بند ڪرايون آهن جيڪو ڊي ايف او اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته ڊي ايف او مالڪ ڏنو ملاح خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
آڪٽوبر 31, 2024