مورو ويجهو زرعي زمين تي قبضي ۽ بااثرن جي ڌمڪين خلاف احتجاجي مظاهرو
مورو ( رپورٽر) مورو ويجھو ڪچي جي ديھ کوکر جي رھواسين جو 4 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ بااثرن پاران سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪيوجنھن جي اڳواڻي عبداللطيف سولنگي، عبدالواحد سولنگي، عبدالحڪيم سولنگي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا
جتي ھنن جو چوڻ ھو تہ اسان جي ديھ کوکر ۾ تقريبن ساڍا 24 ايڪڙ زرعي زمين آھي جنھن مان چار ايڪڙ زرعي زمين تي بااثرن پاران قبضو ڪيو ويو آھي ۽ اسان کي زرعي زمين تي اچڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو زمين تي وڃڻ جي صورت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اسان جي زرعي زمين تي بااثر منظور حسين چانڊيو، جمعو چانڊيو، اڪرم ڪلھوڙو ٻين نامعلوم ماڻھن سان گڏجي چار ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي
۽ ھاڻي ھر ڏياري ٻنا اڳتي ڪري وڌيڪ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ اسان اھڙي معاملي جون شڪايتون حد جي ٿاڻي تي پڻ ڪيون آھن ۽ وڪيل معرفت عدالت سڳوريءَ ۾ درخواست ڏني آھي جنھن باوجود ھو ڏاڍ ڏيکاري رھيا آھن اسان غريب مسڪين پورھيت مزدور ھر ھاري آھيون
اسان سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. ھنن سنڌ حڪومت، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ مذڪورا معاملي جو نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائي ملوثن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ٿيندڙ ھر نقصان جا ذميوار مذڪورا ماڻھون ۽ انتظاميا ھوندي.
آڪٽوبر 31, 2024