لاڪ اپ مان لاش ھٿ اچڻ تي ڏک پھتو آھي: حافظ گل حسن جتوئي

Spread the love

لاڙڪاڻو(رپورٽر)لاڙڪاڻو وليد ٿاڻي جي لاڪپ مان ساحل سولنگي جي لاش ھٿ اچڻ واري واقعي تي دلي ڏک پھتو آھي ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي قصور وارن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي جي گهر ڪريون ٿا اھڙي خيالن جو اظهار پاڪ سماجي تنظيم جي اڳواڻ حافظ گل حسن جتوئي پاران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو

ھن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻہ سماجي اتحاد ڪجھ تنطيمن جي سھڪار سان جوڙي لاڙڪاڻي جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪئي ان کان پوءِ مثبت موٽ ملي جنهن بعد اتساھ پيدا ٿيو جنهن کانپوءِ ان اتحاد کي تنظيم جي شڪل ڏئي رجسٽرڊ ڪرائي سموري سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو ۽ سنڌ سميت لاڙڪاڻي ڊويزن ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي باڊي جوڙي ڇڏي آهي

جنهن مان سنڌ جو صدر زوار جاويد مٺاڻي، جنرل سيڪريٽري ذوالقرنين سيال، ڊويزنل صدر ذوالفقار ميراڻي، جنرل سيڪريٽري ڊامڻ عمراڻي ۽ لاڙڪاڻي جو صدر لياقت چانڊيو، جنرل سيڪريٽري عبدالغني مغل کي مقرر ڪيو ويو آهي ھن چيو ته اسان جي تنظيم جو مقصد بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙڻ آهي

ھن چيو ته اسان جا ماروئڙا بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن صحت، تعليم، صفائي سٿرائي ۾  طبقاتي فرق ختم ٿيڻ گهرجي ھتي امير لاءِ ھڪ ته غريب لاءِ ٻيو نظام آهي جيڪا ڳالھ عوام جي حقن تي ڌاڙي مثل آهي ھن چيو ته تنظيم جو فوڪس سماجي اندر ٿيندڙ ظلم جبر ۽ مکيه مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ آهي جتي به انتظاميا جي ڪائي به ڪوتاهي

ھوندي ان کي عوام آڏو آڻي ڇڏبو، اسان وٽ اثر رسوخ رکندڙ بااثر ماڻهون آساني سان پنهنجو ڪم وٺي ويندو آهي ۽ ان جي جڳهه تي مسڪين ماڻهو پريشانين سان منهن ڏيندو آهي ھن وڌيڪ چيو ته پوليس کاتي اندر ڪاري رنگ جون رڍون موجود آهن

جيڪي پوليس جو مورال خراب ڪن پيا ڪجهه ڏينهن اڳ نينگر ساجد کوسو بدفعلي واقعي جو ڪيس داخل ٿيو جنهن بعد جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ وليد ٿاڻي جي لاڪپ مان ساحل سولنگي جي لاش ھٿ اچ واري واقعي تي آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي اميد ته ان مامري جي شفاف جاچ ٿيڻ بعد حقيقتون سامهون اينديون جيڪڏهن پوليس جا ھٿ ملوث ھوندا ته انهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي.

آڪٽوبر 31, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو