سجاول جوڻيجو : روڊ حادثي جي زخمي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو

Spread the love

سجاول جوڻيجو   (رپورٽر) هڪ ڏينهن اڳ عرضي ڀٽو جمالي موڙ وٽ پيش آيل حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل 22 سالا نوجوان محڪم علي  پٽ آباد علي ڀٽي لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ۾ زخمن جا سور نه سهندي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو 

ياد رهي ته هن واقعي ۾ هڪ عورت افروزان زال ممتاز علي ڀٽي ب فوت ٿي وئي هئي  ۽  هڪ 22 سالا نوجوان محڪم علي پٽي پٽ آباد علي سميت عورت عابده زال عبدالرسول سخت زخمي ٿي پيا هئا 

جن کي لاڙڪاڻو اسپتال ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو جن مان 22 سالا نوجوان محڪم علي پٽ آباد علي ڀٽي زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻو اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو  لاش سجاول جوڻيجو تعلقو ڀرسان ڳوٺ حسن ڀٽي گهر پهچڻ تي  ڪھرام مچي ويو.

آڪٽوبر 31, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو