سانگهڙ: مال مويشي چور گينگ جا ٻه هٿياربند جوابدار مقابلي بعد گرفتار، ٻه پسٽل هٿ
سانگهڙ ( رپورٽر) ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف مسلسل ڪاروايون جاري آهن، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او کپرو محمد شريف جمالي پنهنجي ماتحت عملي سان گڏ چوپايو مال چور گينگ جي 03 چورن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو،
جنهن تيجوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابي فائرنگ کانپوء 02 جوابدار علي بخش منڱريو، لطف علي ملاح کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٽيون جوابدار فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو.
جوابدارن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. وڌيڪ جاچ جاري آهي. ايس ايڇ او ٽنڊوآدم نياز حسين، محمد ساجد ميواتي جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ اچڻ بعد اصل مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي. جڏهن ته هڪ ٻئي ڪاروائي دوران چرس جي ڊيلر ڪامران مري کي گرفتار ڪري 1015 گرام چرس ۽ چندر ڪولهي کان 20 ليٽر شراب هٿ ڪري ورتو آھي.
ايس ايڇ او سنجھورو انيل جمن ڪوري، ايس ايڇ او پيرومل اسحاق سنگراسي ۽ ايس ايڇ او سرهاڙي رحم حسين منشيات فروش مير محمد، فاروق چانڊيو ۽ محمد سليم ڪاڪو جي قبضي مان 70 ليٽر شراب هٿ ڪري ورتي آھي.
آڪٽوبر 31, 2024