ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ بدين منظور علي سومرو جو گورنمينٽ ماروي گرلز ڪاليج بدين جو دورو
بدين (ڊ ر) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ بدين منظور علي سومرو گورنمينٽ ماروي گرلز ڪاليج بدين جو دورو ڪيو ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ بدين منظور علي سومرو ڪاليج جي شاگردياڻين کي محتسب اعليٰ جي ڪم ۽ طريقي ڪار متعلق پڻ آگاهي ڏني
هن چيو ته بدين ۾ محتسب اعليٰ جي آفيس موجود آهي ڪنهن به شاگردياڻي کي ڪابه شڪايت هجي ته هو صوبائي محتسب اعليٰ بدين آفيس سان رابطو ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته شڪايت تعليم کاتي سان هجي يا ڪنهن به صوبائي کاتي سان هجي توهان جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو ويندو
هن چيو ته محتسب اعليٰ جو هي پيغام گهر گهر تائين پهچائڻ اسان سڀني جي اهم ذميداري آهي ان موقعي تي ڪاليج جي اڌ ۾ رهيل ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو هن چيو ته بدين شهر ۾ نياڻين جي تعليم جو هي واحد ڪاليج آهي هن ڪاليج جي زبون حال عمارت ڏسي افسوس ٿيو آهي
هن ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عرفانه فيروز کي هدايت ڪئي ته هو ڪاليج جي اڌ ۾ رهيل ڪم جو تفصيل ۽ ٻيون گهربل سهولتن لاءِ محتسب اعليٰ بدين کي خط لکي ته جيئن ڪاليج جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکيو وڃي ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عرفانه فيروز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بدين شهر ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ هي واحد سرڪاري ڪاليج آهي
هن چيو ته گورنمينٽ ماروي گرلز ڪاليج ۾ 17 سو کان مٿي شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رھيون آهن ڪاليج ۾ تعليمي نصاب سان گڏ راندين جا مقابلا پڻ ڪرايا ويندا آهن
هن چيو ته تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري ڪلاس رومن ۽ واش رومز جي شديد کوٽ آهي دوري وقت وائس پرنسپل پروفيسر ماہ طيبه عباسي، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ رجسٽرار صوبائي محتسب اعليٰ بدين عبدالستار ميمڻ، اسسٽنٽ پروفيسر اظهر الدين چانڊيو، اسسٽنٽ پروفيسر عمر سومرو، اسسٽنٽ امداد پڻ موجود هئا
آڪٽوبر 31, 2024