باڊھه: سنڌ سڀا پاران ٽي روزه ڪتابي ميلو لڳايو ويو آھي

Spread the love

باڊھه(رپورٽر) باڊھه ۾ سنڌ سڀا پاران ٽي روزه ڪتابي ميلو لڳايو ويو آھي، ڪتابي ميلو خميس کان بروز ڇنڇر تائين جاري رھندو، ڪتابي ميلي ۾ نئون نياپو، روشني، ساھت گھر ۽ ٻين ڪتابي ڪمپنين جا ناول، شاعري، ڪھاڻيون، تاريخ، ادب، سياست ۽ ٻين مڪتبه فڪر سان سلھاڙيل ڪتاب موجود آھن،

ڪتابي ميلي ۾ 20% سيڪڙو رعايتي ڪتاب فروخت ڪيا پيا وڃن، ڪتابي ميلي جي اونر تنوير سنڌي، ڪامران ميراڻي، راجا جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته علم ادب ۽ ڪتابن سان چاھ رکندڙ دوستن جي علم ۾ اضافي ۽ ذھن نشين لاء 20% پرسنٽ رعايتي ڪتابي ميلو لڳايو ويو آھي، جيڪو ٽي ڏينھن جاري رھندو.

آڪٽوبر 31, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو