28 آڪٽوبر کان شروع ڪيل پوليو مهم 3 نومبر تائين جاري رھندي: عمران الحسن خواجه
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو آھي ته پوليو هڪ خطرناڪ بيماري آھي جيڪا معصوم ٻار کي هميشه لاءِ اپاهج بڻائي سگهي ٿي.
اهڙو اظهار هن ٽنڊوآدم ۾ پوليو مهم جو جائزو وٺڻ ۽ پوليو عملي سان اهم گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته 28 آڪٽوبر کان شروع ڪيل پوليو مهم 3 نومبر تائين جاري رھندي ۽ عوام جي تعاون سان ئي پوليو جو خاتمو ممڪن آھي.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو مهم جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ روزانو جي بنيادن تي گڏجاڻي منعقد ڪئي ويندي آهي. ٽنڊوآدم جي يونين ڪائونسل 4 ۾ ڪافي مسئلا درپيش آهن اسان چاهيون ٿا ته هاڻ هيٺي سطح تي پڻ گڏجاڻيون منعقد ڪريون ۽ پوليو ورڪرز کي مڪمل ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن جي همٿ افزائي ڪريون.
هن چيو ته ٽنڊوآدم ان حوالي سان به اهميت وارو آهي جو هتان جي يو سي ڪنب ڏاڙھون مان پوليو جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي. اسان جي مڪمل ڪوشش آهي جاري مهم دوران 5 سالن تائين جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارجن. اسان جو عزم پوليو جو خاتمو آهي ۽ اهو صرف بهتر آگاهي ذريعي ئي ممڪن آھي.
هن ٻڌايو ته جاري مهم دوران ضلعي جي 5 لک ٻارن کي ويڪسين ڪئي ويندي پوري ضلعي ۾ 1100 سو ٽيمون گھر گھر وڃي ٻارڙن کي پوليو کان بچائو جا ڦڙا پياري رھيون آھن. ھن صحافي برادري سميت ساڃاهه ونڍن کي اپيل ڪئي ته اهي ان بابت سجاڳي پيدا ڪن.
ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوآدم حنين طارق شاھاڻي چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي پوليو مهم جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي اڄوڪي گڏجاڻي ۾ پوليو مهم سان واڳيل تعلقي جا سمورا ننڍا وڏا ملازم موجود هئا جن کي جاري مهم جي ڪاميابي جون ھدايتون ڪيون ويون آهن.
ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ جي صدارت هيٺ تعلقي ٽنڊوآدم جي پوليو ورڪرز جي اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم سيد فضل شاھ سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
آڪٽوبر 30, 2024