ڪنڊيارو: شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي ساٿي شهيد محبوب کوسو جي 26 هين ورسي ملهائي وئي

Spread the love

ڪنڊيارو ( رپورٽ: مير ماجد ڪلھوڙو ) ڪنڊيارو: شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي ساٿي شهيد محبوب کوسو جي 26 هين ورسي ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ شيرخان کوسو ۾ ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي هڪ مختصر تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين، شهرين، شهيد ڀٽو جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

 ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ظفر کوسو، ڊاڪٽر امداد کوسو, منير ابڙو, فرحان کوسو, توقير کوسو ۽  ٻين چيو ته شهيد محبوب کوسو شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو بهادر ساٿي هو، هو هڪ انسان دوست شخص هو، جنهن سدائين وس آهر غريب ماڻهن جي خدمت ڪئي، هن تعليم جي بهتري  لاءِ ڪوششون ورتيون،  هوچاهيندو هو ته تعليم کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي،

غريب ٻارڙن جا ٻار بهتر تعليم حاصل ڪن، هوڏانهن ورسي جي موقعي تي اڳواڻن پاران شهيد محبوب کوسو جي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو