ڪراچي اوڀر: غازي ڳوٺ سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد ۽ شاگردياڻين پاران مسئلن جي حل لاءِ احتجاج

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ضلعي اوڀر جي صفوران ٽائون جي غازي ڳوٺ جو بوائز سيڪنڊري اسڪول جا شاگرد ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آھن اسڪول جي 10 ڪمرن تي مشتمل ڊبل اسٽوري بلڊنگ جو ڪم ايجوڪيشن ورڪس کاتي ضلعي اوڀر جي ايڪسيئن محمد شيخ ۽ ٺيڪيدار جي نااھليء جي ڪري گذريل ٽن سالن بلڊنگ جي تعمير وارو ڪم مڪمل نـ ٿي سگھيو آھي ۽ ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ بند ڪري ھليو ويو آھي

 ھوڏانھن اسڪول ۾ ڪتابن جي کوٽ سان گڏ فرنيچر جي پڻ کوٽ پئدا ٿيل آھي شاگردياڻيون پنھنجي گھران کٽ ڪري اچي ڪري ان تي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن تـ ٻئي طرف اسڪول جي ڪمرن ۾ پکا نـ ھجڻ سبب شاگرد شاگردياڻيون سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن مگر تعليم کاتي جي اختيارين کان ڪو بـ نوٽيس نـ ورتو ويو آھي

 ھوڏانھن اسڪول جي مسئلن جي حل لاء اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان اسڪول جي اڱڻ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سويرا خورشيد احمد , عنيسا , طوبي’ الطاف علي , سونيا حبدار , حاجران , اسد علي ـ ظھير احمد ۽ ٻين چيو تـ ڪتابن ۽ فرنيچر جي کوث سبب سخت پريشان آھيون

ڪمرن ۾ پکا نـ ھئڻ سبب سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھيون مگر تعليم کاتي جا آفيسر اسان جي ڪا بـ دانھن ٻڌڻ جي لاء تيار نـ آھن ھنن صوبائي وزير تعليم کان گھر نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرائڻ جي گھر ڪئي آھي اسڪول جي پرنسپال ٻڌايو تـ اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ بند ھجڻ توڙي ڪتابن ۽ فرنيچر جي کوٽ آھي

اسڪول اندر صفائي ڪرڻ لاء سوئيپر نـ آھي تعليم کاتي جي اختيارين کان مسئلن بابت لکت ۾ شڪايتون ڪري ڇڏيون آھن ھوڏانھن ضلعي اوڀر جي ڊي او سيڪنڊري اعظم مرکنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تـ اسڪول اندر پکن فرنيچر ۽ ڪتابن جي بلڪل کوٽ آھي جيڪي جلد ختم ڪيون وينديون

 ايجوڪيشن ورڪس کاتي ضلعي اوڀر جي ايڪسيئن محمد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تـ غازي ڳوٺ جي سيڪنڊري اسڪول جي بلڊنگ جو تعمير وارو ڪم اي ڊي پي اسڪيم جو آھي ٺيڪيدار کي رقم نـ ملڻ سبب ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ بند ڪري ھليو آھي اسان بيوس آھيون.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو