نواب شاهه: ميونسپل ڪارپوريشن ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پاران پوليو خلاف آگاھي فراھم ڪرڻ لاءَ ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

نواب شاھ (رپورٽ: عبدالفتاح رند) نواب شاهه، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پاران پوليو خلاف آگاھي فراھم ڪرڻ لاءَ ريلي ڪڍي وئي ريلي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر جي اڳواڻي ۾ ڪاليج کان نوان نواب شاهه پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي

ريلي ۾ مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي، ڪاليج جي پرنسپل لالا رخ بلوچ، ڪاليج جي ٽيچرز ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي پوليو جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آھي ڪمشنر سيد محمد سجاد حيدر پوليو وائرس اسان جي مستقبل جي معمارن لاءِ ڪنھن خطري کان گھٽ نہ آھي سيد محمد سجاد حيدر والدين پوليو خلاف جاري قومي مھم کي ڪامياب بنائڻ ۾ ڊويزنل ۽ ضلع انتظاميه جو ساٿ ڏين سيد محمد سجاد حيدر والدين پنھنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پنھنجو قومي فرض ادا ڪن ڪمشنر سيد محمد سجاد حيدر

گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پاران پوليو خلاف آگاھي فراھم ڪرڻ لاءَ ريلي ڪڍي وئي آهي پرنسپل لالا رخ بلوچ ريلي جو مقصد والدين کي پوليو کان بچاءَ جي ڦڙن جي فائدن بابت آگاھي فراھم ڪرڻ آھي لالا رخ بلوچ.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو