فالج جا ڪيترائي سبب شگر،ڪولسٽرول ، دل ۽ بلڊ پريشر آھي، بلڊ پريشر جي وڌڻ سان فالج جو حملو ٿيندو آھي: ڊاڪٽر لال چند۔ڊاڪٽرديپڪ

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) فالج جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ نيورولوجي شعبي جي ايم سي سکر جي ڊاڪٽرن سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر لال چند۔ڊاڪٽرديپڪ ٻڌايو ته فالج انساني جسم کي ڪم ڪار کان ناڪاره بڻائي ٿو

علاج ذريعي 30 کان 40 سيڪڙو بچي سگهجيٿو جيڪڏهن بلڊ پريشر۔ڪولسٽرول ۔شگر ۽ دل جا مريض وقت سر دوائن جو استعمال ۽ وزندار ماڻھون وزن گهٽائن ته بيماري کان بچي سگهن ٿا۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته فالج جا ڪيترائي سبب آھن جن ۾ شگر۔ڪولسٽرول ۔دل ۽ بلڊ پريشر آھي بلڊ پريشر جي وڌڻ سان فالج جو حملو ٿيندو آھي

جيڪڏهن ڊاڪٽرن جي مشووري تي عمل ڪيو وڃي ته فالج کان پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو ۔هي بيماري انسان کي اپاهج ڪري ڇڏي ٿي جيڪڏهن ڪو گهر جو مک ماڻھون فالج جو شڪار ٿئي ٿو ته ان سان سمورو خاندان متاثر ٿيندو آھي۔هيٺين بليڊپريشر تي ڪنٽرول ڪيو وڃي

ته هن بيماري کان 40 سيڪٽرو بچڻ ممڪن آھي ڊاڪٽر لال چند چيو ته۔ڪبوتر ۽ ٻين ٽوٽن سان هي بيماري ختم ناهي ٿيندي حڪيمن ۽ پڙھائي ذريعي علاج بجاء ماهر ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ گھرجي جيڪڏهن ٽن ڪلاڪن اندر ٽريٽمنٽ ٿي ته ان جا بهتر نتيجا حاصل ٿين ٿا۔بليڊ پريشر ۽ شگر تي کي ڪنٽرول ڪرڻ سميت ڪولسٽرول وارا وزن گهٽائن ۽ دل جي بيماري جي مريضن کي وقت سر دوائون استعمال ڪرڻ کپن فالج جون علامتون ظاهر ٿيڻ ڳالهائڻ ۾ تڪليف۔ڄنگھ ۽ ٻانهن جي جي تڪليف سميت محسوس ٿيڻ تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي

 اڄوڪي دور ۾ جديد طريقي سان علاج ممڪن آھي فالج قابل علاج بيماري آھي پر عام ماڻھن کي هن بيماري کان بچڻ لاء ڄاڻ ناهي جنهن ڪري اسان کي آگاهي مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آھي ان لاء ميڊيا سميت سماجي ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي۔جي ايم سي اسپتال ۾ به علاج جي سهولت موجود آھي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڊاڪٽر لال چند جو چوڻ ھو ته ننڊ نه اچڻ پريشاني جو سبب آھي جڏهن ته ياد داشت گهٽجڻ بليڊ پريشر جو سبب به آھي.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو