سکر : سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ قومي شاهراهه تي ويئر هائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا ٺاهڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ قومي شاهراهه تي ويئر هائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا ٺاهڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي آءِ جي موٽروي / هاءِ وي پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پيش، عدالت هاءِ وي روڊ تي 500 ميٽر کان گهٽ مفاصلي وارن ويئر هائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽن خلاف مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڪارروائي ڪري سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

اوٻاوڙي کان مورو تائين ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ٽول پلازن تي روڊ جي حالت سڌاري ننڍين ۽ وڏين موٽر گاڏين لاءِ قطار (Row) جو نظام درست ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ لطيف آباد ڪالوني مليٽري روڊ سکر واسي عادل علي دايو طرفان وڪيل معرفت اوٻاوڙو کان مورو تائين ٽول ٽيڪس اوڳاڙيندڙ پلازن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ ۽ منظور ٿيل ڊزائين موجب ٽول پلازن جي اڏاوت نه هئڻ ۽ قومي شاهراهه تي روڊ سان لڳولڳ ويئر هائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا ٺهڻ ڪري سفري سهولت ۾ خلل پوڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

عدالت جي طلب ڪرڻ تي ڊي آءِ جي موٽروي / هاءِ وي پوليس سکر، چيف پيٽرولنگ آفيسر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل ڊويزن بئنچ آڏو درخواستگذار جي وڪيل آچر خان گبول دليل ڏيندي چيو ته قومي شاهراهه تي روڊ جي ويجهو ئي ويئرهائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا ٺاهڻ سبب وڏين ننڍين موٽرگاڏين جي ٽريفڪ رواني سخت متاٽر ٿئي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ مسافرن کي ڊگهو انتظار ڪرڻ جي صورت ۾ تڪليف ڀوڳڻي پوي ٿي،

 جڏهن ته موٽروهيڪل ٽيڪس اوڳاڙي وارن هنڌن تي ڊزائين موجب پلازن جي تعمير نه ٿيڻ ڪري موٽرگاڏين جي سوڙهه ۽ رش لڳل هجي ٿي، ان کان علاوه ٽول پلازن واري هنڌ روڊ جي حالت خراب هوندي آهي، اهڙي صورتحال ۾ نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪندڙ مسافرن کي اذيت ڀوڳڻي پوي ٿي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اوٻاوڙو کان مورو سيڪٽر تائين قومي شاهراهه تي روڊ کان 500 ميٽر کان گهٽ مفاصلي تي ٺاهيل ويئر هائوس ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ سيل ڪري سيشن ججن معرفت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڊي آءِ جي موٽروي / هاءِ وي پوليس کي ٽول پلازن جي منظور ڪيل ڊزائين ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،

 جنهن کانپوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪندي ٽول پلازن ڀرسان روڊ جي حالت سڌارڻ بابت کنيل قدمن واري اڳڀرائي رپورٽ پڻ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

آڪٽوبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو