سکر : ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي نااهليءَ سبب شراب جي گتي تان نقلي ۽ جعلي شراب جو وڪرو عام
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلجڙ) سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد تير چوڪ تي واقعي شراب جي گتي تان نقلي ۽ جعلي
شراب جو کلي عام وڪرو جاري آهي
جنهن کي روڪڻ ۾ ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي پوليس ناڪام وئي آهي جڏهن باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته تير چوڪ ويجهو واقعي شراب جي گتي تان ٻه نمبر، جعلي ۽ نقلي شراب جو وڪرو کلي عام جاري آهي نقلي ۽ جعلي شراب پيئڻ ڪري نوجوانن جو زندگيون داءُ تي لڳل آهن جڏهن ته ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ جي مستقيم سان رابطو ڪيو ويو ته ان موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ٻيا آفيسر آفيس مان غائب رهن ٿا،
جڏهن ته ان حوالي سان سکر جي سياسي، سماجي، سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سکر جي تيرچوڪ ويجهو قائم شراب جي گتي تان انساني صحت جي لاءِ هاڃيڪار ٻه نمبر، نقلي ۽ جعلي شراب جو وڪرو ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي هنن جو چوڻ هو ته ڇا شراب گتي جو مالڪ ايترو بااثر آهي
جو ايڪسائيز اينڊ نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان قاصر آهي هنن ايڪسائيز کاتي ۽ ضلعي پوليس کان ڄاڻايل شراب جي گتي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
آڪٽوبر 30, 2024