سيوھڻ: ڀان سيدآباد ۾ پوليو مهم جي سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو پاران سرڪاري اسپتال جو دورو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ڀان سيدآباد ۾ پوليو مهم جي سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق پاران سرڪاري اسپتال جو دورو ڪيو،
ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا پاران ڊي ايس پي احمد بخش راهوجو ، ون فائيو انچارج منظور دل ۽ پوليس نفري سان گڏ پوليو ٽيمن کي مليل سيڪيورٽي جو جائزو ورتو،ايس ايس پي ڄامشورو هڪ معصوم ٻارڙي کي پوليو جو قطرو پڻ پياريو، ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ ھئو تہ پوليو قومي فرض آهي، صحت کاتي سان گڏ پوليس ڪم ڪري رهي آهي،
پوليو ٽيمن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويئي آهي،ضلعي ڄامشوري جي اندر 800 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ ليڊيز پوليس اھلڪار پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي لاء مقرر ڪيا آهن، ۽ 28 پوليس موبائيلون پڻ سيڪيورٽي لاء موجود آهن، اسان جي ڪوشش آهي تہ بهتر انداز ۾ پوليو مهم پنهنجي اختتام تي پهچي، ۽ ڪوبہ اڻوڻندڙ واقعو پيش نہ اچي، اڄ ڏينھن تائين ضلع ڄامشورو مان پوليو ٽيمن سان ڪوبه اھڙو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو آھي،
ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ آھي ته ڀان سيدآباد سميت پوري ضلعي ڄامشوري اندر امن امان جي صورتحال پهريان کان بهتر آهي، تعلقي سيوهڻ اندر امن امان جي صورتحال بابت ڊي ايس پي سيوهڻ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي،عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي اولين ذميواري آهي، امن امان جي بهتري لاء عوام پوليس جو ساٿ ڏيئي.
آڪٽوبر 30, 2024