جماعت اسلامي وجود ۾ اچڻ بعد اسلامي ۽ جھموري روايتن کي گڏ کڻي ھلي رھي آھي: ممتاز حسين سهتو
نوابشاهه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) جماعت اسلامي پاڪستان جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو ايڊووڪيٽ خطاب ڪندَي چيو ته جماعت اسلامي ٻين جماعتن وانگي موروثي جماعت نه آهي ۽ نه ئي لساني ۽ فرقيواريت تي يقين رکي ٿي جماعت اسلامي وجود ۾ اچڻ بعد اسلامي ۽ جھموري روايتن کي گڏ کڻي ھلي رھي آھي
جماعت اسلامي جي اسلامڪ ھال ۾ نئين ضلعي امير طارق جاويد آرائين جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو تقريب ۾ سبڪدوش ٿيندڙ امير ضلع سرور احمد قريشي ،ڪنور راشد مڪرم ،سرداراحمد آرائين ،نوابشاھ شھر جو امير پروفيسر اعجاز عالم ،ڊاڪٽر عمران علي باجوه ،محمد اسلم شيخ ، سڪرنڊ جو امير عاشق حسين سميت ذميدار ۽ ڪارڪن جماعت اسلامي وڏي انگ ۾ شريڪ ھئا
جماعت اسلامي جي اڳواڻ ممتاز حسين سهتو وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي جي دستور موجب مقرر وقت تي ھر سطح جا انتخابات ٿيندا رهندا آهن جنھن ۾ ڪارڪن جماعت اسلامي جي گروپنگ ،لابنگ يا ڪنويسنگ جي بغير رائي ڏيندا آھن ھن چيو جماعت اسلامي ملڪ ۾ اقامت دين ۽ اسلامي نظام جي لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي ته جيئن ماڻهن جو منھگائي ،بدامني ۽ حڪومتن جي ڪرپشن ۽ بد انتظامي جو شڪار آھن مسئلن جي گرداب کان نڪري پرامن زندگي گزاري سگهن
ھن چيو ته جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ پوري ملڪ ۾ ميمبر سازي جي مھم ھلائي رھي آھي لکن جي تعداد ۾ ميمبر بنجي چڪا آهن ۽ اڃان آھيو سلسلو جاري آهي انھي موقعي تي نئين ضلعي امير طارق جاويد آرائين پنهنجي عھدي جو حلف کنيو.
آڪٽوبر 30, 2024