ڏوڪري پوليس پاران ڪارريون، 4 منشيات فروش گرفتار

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري پوليس پاران الڳ الڳ ڪاروائي دوران چار منشيات فروشن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي تفصيل موجب ڏوڪري پوليس سجاد شاھ کي 1400 گرام چرس، سڪندر جوڻيجو کي 400 گرام چرس، رياض سومرو کي 450 گرام چرس، فرمان ابڙو کي 400 گرام چرس سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي

ان موقعي تي ايس ايڇ او ڏوڪري ذوالفقار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف مختلف ڪاروائين دوران چار منشيات فروشن سجاد شاھ کي 1400 گرام چرس، سڪندر جوڻيجو کي 400 گرام چرس، رياض سومرو کي 450 گرام چرس، فرمان ابڙو کي 400 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي هلندڙ آهي جلد ٻيا به منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو