ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ پاران  سب جيل اوچتو دورو

Spread the love

سامارو ( رپورٽر ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو سب جيل اوچتو دورو قيدين کي ملندڙ کادو کائي چيڪ ڪيو ڪانٽيڪٽر طلب خبرموجب ڊسٽرڪٽ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران قيدين جي شڪايتن تي سب جيل عمرڪوٽ جو اوچتو دورو ڪري قيدين کي ملندڙ کاڌو ۽ پاڻي چيڪ ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جو نظام پڻ چيڪ ڪيو،

ان موقعي تي ھن قيدين کي ملندڙ ماني پاڻ کائي چيڪ ڪئي، جڏھن ته قيدين کي ملندڙ کاڌو ۽ پاڻي بھتر نہ ھجڻ ڪري سخت ناراضگيءَ جو اظهار پڻ ڪيو  سب جيل عمرڪوٽ جي جيلر کي ھدايت ڪندي چيو تہ قيدين کي ماني سپلائي ڪندڙ ڪانٽيڪٽر کي فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ طلب ڪيو وڃي،

ان موقعي تي ھن انتظاميه کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ قيدين کي جيل جي اندر بھتر کاڌو، ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي  خاص طور تي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي.

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو