ويڳي پٽ جي پٽن تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي: مسمات ليليٰ آرادين

Spread the love

نارو (رپورٽر) سوراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ وراياسو جي رهواسڻ مسمات ليلا زال ٻانجھي خان آرادين پنهنجي پٽ لائق سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي مسمات ليلا دانھيندي چيو ته منهنجي وڳهي پٽ جا پٽ غازي ڏنو، مانجهي دادن، ۽ عرفان روزانو مون تي تشدد ڪن پيا، ۽ ڍڪا ڏي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي

جنهن سان مان دربدر واري زندگي گزارڻ تي مجبور  آهيان،   وڌيڪ هن چيو ته مونکي پوٽين پاران هر روز موتمار ڌمڪيون ملن ٿيون جنهن سان منهنجي زندگي کي خطرو پڻ آهي، 

هنن ايس ايڇ او سوراه ۽  ايس ايس پي خيرپور سميت وسوارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ بااثر پوٽن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو