نوابشاهه:ممنوع پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي، 2 دڪان سيل، 20 ڪلو ٿيلهيون ضبط
نواب شاهه (ھه آ)ريجنل انچارج سيپا شھيد بينظيرآباد ڊاڪٽر گل امير سنبل پاران پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ دڪانن جو دورو ممنوع پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ 2 دڪان سيل 20 ڪلو ٿيلهيون ضبط تفصيل موجب ريجنل انچارج سيپا شھيد بينظيرآباد ڊاڪٽر گل امير سنبل ڊائريڪٽر ٽيڪسيشن ظفر علي زرداري، سيپا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽيم سان گڏجي نواب شاهه شھر ۾ پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ دڪانن جو دورو ڪيو
ممنوع پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ 2 دڪان سيل ۽ 20 ڪلو پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ضبط ڪيون ويون ان موقعي تي ريجنل انچارج سيپا ڊاڪٽر گل امير سنبل چيو ته گذريل 10 مھينن کان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کي سختي سان ھدايت ڪئي وئي ھئي تہ ممنوع پلاسٽڪ جون ٿيلهيون وڪرو ۽ خريد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي
ان جي باوجود به دڪاندارن پاران خلاف ورزي ڪئي وئي جنھن تي اڄ ڪاروائي ڪندي 2 دڪان سيل ڪيا ويا آھن جڏھن تہ سيپا ٽيم جو ٻڌي ٻيا دڪاندار پنھنجا دڪان بند ڪري ھليا ويا ھن وڌيڪ چيو ته خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.
آڪٽوبر 29, 2024