قديمي گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي بائونڊري وال 200 فوٽ ايراضي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ بلڊر مافيا جي مبينا ڪرپشن سبب قديمي گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي بائونڊري وال 200 فوٽ ايراضي کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو،
اسڪول جا هزارين شاگرد غيرمحفوظ بڻجي ويا، شاگردن اسڪول جي پرنسپال ۽ استادن سان گڏجي قائد عوام روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال علي حسن کوکر چيو
ته 1867ع کان قائم لاڙڪاڻي جو تاريخي اسڪول ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻو بلڊر مافيا جي نشاني تي آهي،
برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نالي ٺهرائڻ جي بهاني سان اسٽيڊيم جي طرف کان 200 فوٽ بائونڊري وال کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف مين روڊ جي طرف اسڪول جي بائونڊري وال ڊاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. بائونڊري وال جي ڊهڻ سبب اسڪول ۾ چوريون معمول بڻجي ويون آهن ته ٻئي طرف اسڪول مڪمل طور تي غيرمحفوظ ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي بلڊر مافيا ايتري طاقتور ٿي وئي آهي
جو اها ڪنهن جي به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. بار بار اپيل ڪرڻ باوجود به بلڊر مافيا پنهنجي مفادن خاطر اسڪول کي هٿ سان تباهه ڪري رهي آهي. هن بلڊر مافيا کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسڪول جي ڪريل ديوار ٺاهي نه ڏني وئي ته ان خلاف سخت احتجاج شروع ڪيو ويندو.
آڪٽوبر 29, 2024