فالج هڪ خطرناڪ مرض آهي، جنهن کان احتياتي اپاءُ وٺي بچي سگهجي ٿو:ڊاڪٽر فهيم احمد سومرو
لاڙڪاڻو(رپورٽر) فالج جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور مگسي، نيرولاجسٽ ڊاڪٽر سجاد حسين جلباڻي ۽ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر فهيم احمد سومرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته فالج هڪ خطرناڪ مرض آهي،
جنهن کان احتياتي اپاءُ وٺي بچي سگهجي ٿو، جڏهن ته پاڪستان اندر روزاني جي بنياد تي 4 سئو ماڻهو فالج جي اٽيڪ جو شڪار ٿين ٿا ۽ سڄي دنيا ۾ هر سال 50 ملين ماڻهو فالج جو شڪار ٿين ٿا، جن مان 5 ملين انسان موت جي ور چڙهي وڃن ٿا، جڏهن ته انهن سموري صورتحال 10 سيڪڙو ماڻهو محفوظ رهن ٿا.
هنن چيو ته فالج جهڙي مرض کان بچڻ لاءِ عام شهرين کي گهرجي ته هو روزاني جي بنيادن تي کائڻ پيئڻ وارن شين ۾ احتياط ڪرڻ سان گڏ واڪ ۽ ورزش لازمي ڪن، جڏهن ته فالج جي اٽيڪ ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي شوگر وڌي وڃن،
ڊپريشن، بلڊ پريشر، وزن جو وڌي وڃڻ ۽ نشي جو استعمال ڪرڻ، ان لاءِ انسان کي سوچڻ گهرجي ته هو اهڙي صورتحال ۾ ڄاڻايل احتياتي تدبيرون اختيار ڪري پاڻ کي فالج يا دل جو اٽيڪ پوڻ کان محفوظ رکي
آڪٽوبر 29, 2024