عمرڪوٽ  ويجهو نامعلوم ماڻھن پاران  ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻن جو احتجاج

Spread the love

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ مين ميرپور خاص روڊ صاحبن جو ڳوٺ جي ويجهو نامعلوم ماڻھن ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،

جنهن تي علائقي جا رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا، تفصيل موجب، احتجاج ڪندي انور علي مهر، امير بخش مهر، ڀارو ميگهواڙ ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه ڏينهن کان بجلي ناهي،

رات جو چورن ٽرانسفارمر چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسٽاپ تي موجود چوڪيدار کي ڏسي فرار ٿي ويا،

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته چورن کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم کنيو وڃي ۽ اسان جي ڳوٺ جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ڇو ته ٻه ڏينهن کان بجلي نه هجڻ سبب اسان کي مشڪلاتون درپيش آهن،

ٻي صورت ۾ مين ميرپور خاص روڊ بلاڪ ڪري حيسڪو انتظاميه ۽ چورن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو