سڪرنڊ ۾ پيرسن پورهيت جو ماروٽ خلاف احتجاج
سڪرنڊ(رپورٽر) شهيد ڪالوني سڪرنڊ جي رهواسي برڪت شيخ سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينهن پهرين منهنجي ماروٽ عبد النظير شيخ منهنجي ۽ ٻين عزيزن خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي اسان مٿان مختلف الزام هنيا هئا.، جيڪي سراسر بي بنياد آهن. هن چيو ته منهنجو يا منهنجي پٽن جو هن سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي.
هن سان نه اسان جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ آھي ۽ نه ئي کائڻپيئڻ آھي. سمجھ ۾ نٿو اچي ته هو اسان کي پنهنجو دشمن ڇو سمجهي رهيو آهي. هن چيو ته ھو جيڪو ٻار پالي رهيو آهي، اهو هن جي سنڍوءَ جو آهي، جنهن سان به اسان کي ڪو سروڪار ڪونهي. ان کان سواءِ هو سوشل ميڊيا ذريعي اسان جي ننگن خلاف پڻ لکندو رهي ٿو،
جيڪو بيهوده عمل آهي. هن چيو ته شهري اتحاد سڪرنڊ جي صدر سيد احسان شاه فيصلو به ڪيو هو جنهن تي عبد النظير شيخ بيهڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏھن ٻيهر ڪنهن به چڱي وٽ فيصلو ڪرائيندو ته اسان راضي آهيون. هن ايس ايس پي، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ۽ علائقي جي چڱن کي اپيل ڪندي چيو ته مون ڪورٽ مان تحفظ جو ليٽر به ورتو آهي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو کي به تحفظ جي درخواست ڏني آهي.
هن چيو ته چڱن کي پڻ اپيل ڪيان ٿو ته مون کي عبد النظير شيخ مان جاني توڙي مالي خطرو آهي. هو مون کي نقصان رسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ان لاءِ مون کي هر طرح جو تحفظ ڏنو وڃي.
آڪٽوبر 29, 2024