سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ خلاف نصيرآباد ۾ڌرڻو

Spread the love

نصيرآباد(رپورٽر)  جسم رياض چانڊيو گروپ پاران سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ خلاف نصيرآباد باء پاس تي ڌرڻو هنيو ويو.

جسم رياض چانڊيو گروپ پاران سنڌو درياهه تي غيرقانوني 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف باء پاس تي  سينيئر وائيس چيئرمين غفارميرجت، ذوالفقار بليدي، اسد ايري، محمد علي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن پاران غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ خلاف، ڪارڪنن  نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻڻ چيو ته هڪ سازش تحت پنجاب ۾ سنڌو درياءَ تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،

جيڪا سنڌ سڪائڻ برابر آهي، هنن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪنھن بہ صورت ۾ ڪئنال ٺاهڻ نہ ڏينداسين،  سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آهي. سنڌو خاطر ھر قسم جي قرباني ڏينداسين.

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو