سجاول ۾ ھندو برادري جو پنچائت جي زيادتين خلاف مظاهرو
سجاول (رپورٽر) ھنڌو برادري جي عورتون ۽ مردن جي پنچائت جي زيادتين خلاف پريس ڪانفرنس. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن ھنڌو برادري جي ارجن داس جي زال لاجونتي ٻائي برادري جي ٻين عورتون، مردن ۽ ھنڌو پنچائت سجاول جي اڳوڻي صدر مادو داس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ اسان گذريل 60 سالن کان ھندو پنچائت سجاول جي پلاٽ تي مسواڙ تي ويٺل آھيون ۽ ڄاڻايل پلاٽ تي اسان پنھنجا لکين روپيا خرچ ڪري گھر ٺھرائي رھائش پذير آھيون، پر ھاڻوڪي ھندو پنچائت اسان کي پلاٽ مان گس ڪڍڻ لاءِ ڌمڪائي رھي آھي
جنھن لاءِ اسان کي مختلف حربن سان تنگ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تہ ھنڌو پنچائت پاران ٻہ ڏينھن اڳ بہ اسان جي گھر تي ضلعي انتظاميہ ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي چڙهائي ڪرائي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو ۽ مونکي بيگناھ پوليس موبائيل ٽي ڪلاڪ ويھاري حراسان ڪيو ويو.
ھن چيو تہ اسان پنھنجي سموري جمع پونجي لڳائي گھر ٺھرايو آھي ۽ ھر مھيني باقاعدگي سان پنچائت کي مسواڙ بہ ڏئي رھيا آھيون. ھن چيو تہ منھنجي گھر ۾ منھنجو مڙس ارجن داس ڪيتري ئي وقت کان بيماري جي بستري تي پيل آھي، ان کان علاوه منھنجي گھر ۾ منھنجون نوجوان نياڻيون آھن ۽ ھڪ معصوم پٽ پر ھنڌو پنچائت کي نوجوان نياڻين جي گھر تي بہ رھم نٿو اچي ۽ نوجوان نياڻين جي گھر مان پلاٽ جو گس وٺڻ تي اسان بار بار تنگ ڪيو وڃي ٿو.
ھن چيو تہ اسان سٺ سالن کان ڃاڻايل پلاٽ جي مسواڙ ڀري رھون پيا ۽ اسان عزت وارا ماڻھو آھيون نياڻين کي گھر مان گس ڪئين ٿا ڏئي سگھون. ھن چيو تہ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، ھائي ڪورٽ سميت ٻيون اعلي اختياريون ھندو پنچائت پاران اسان سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪرائي اسان کي انصاف فراھم ڪن ۽ اسان کي سڪون سان پنھنجي گھر ۾ زندگي گذارڻ ڏني وڃي.
پريس ڪانفرنس ۾ ھندو پنچائت جي اڳوڻي صدر مادو داس جو چوڻ ھو تہ موجوده ھندو پنچائت برادري جي غريب ماڻھن سان ناانصافي پئي ڪري، سالن کان پنچائت کي پلاٽ جي مسواڙ ڏيندڙ خاندان کي گھر خالي ڪرائڻ وڏي ناجائزي آھي، پنچائت پنھنجون زيادتيون بند ڪري ۽ اعلي اختياريون ھن مامري جو نوٽيس وٺي شفاف جانچ ڪرائي متاثر خاندان کي پنھنجو حق ڏيارين.
آڪٽوبر 29, 2024