اين ڊي ايم اي پاران غزه ۽ لبنان جي لاءِ امداد جي فراهمي جاري، 17هين امدادي کيپ رواني

Spread the love

ڪراچي(بيورورپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) غزه ۽ لبنان جي جنگ متاثر ماڻهن کي فلاحي بنيادن تي  امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي،

اين ڊي ايم اي پاران الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان موڪليل امدادي سامان ۾ 17 ٽن سامان جنهن ۾ دوائون، تيار کاڌو، چانور، خيما، گرم ڪپڙا ۽ خشڪ کير شامل هئا لبنان موڪليو ويو.امدادي سامان سان گڏ جهاز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کان بيروت، لبنان لاءِ روانو ٿيو سامان روانگي تقريب ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، ايم اين اي سميت اين ڊي ايم اي، وزارت خارجه ۽ الخدمت فائونڊيشن جا نمائندا ڪراچي ايئرپورٽ تي موجود هئا .

فاروق ستار فلسطين ۽ لبنان ۾ جاري جنگ جي صورتحال ۽ اتي جي عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي متاثرن کي فوري امداد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن مصيبت ۾ ڦاٿل ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي عزم کي ورجايو ۽ انهن ڪوششن کي وڌائڻ لاءِ فلاحي تنظيمن ۽ پاڪستان جي عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.

آڪٽوبر 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو