نواز شريف جو نوحو
محمد حنيف
وڏي عرصي کانپوءِ نواز شريف پارليامينٽ ۾ ڳالهايو.هن ڳالهايو گھٽ ۽ دل جو غم ٻھ شعر پڙهي بيان ڪيو ۽ فرمايو ته عدليه اسان کي ايترا ڏک ڏنا آھن جو هي شعر ٻڌي وٺو:
ناز و انداز سے کہتے کہ جینا ہو گا
زہر بھی دیتے ہیں تو کہتے ہیں کہ پینا ہو گا
جب میں پیتا ہوں تو کہتے ہیں کہ مرتا بھی نہیں
اور جب میں مرتا ہوں تو کہتے ہیں کہ جینا ہو گا
26هين آئيني ترميم پاس ٿي رهي هئي. عدليه جا يا پر ڪتريا پئي ويا يا ان کي آئين جي دائري ۾ آندو پي ويو، پر اهو حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي فتح جو ڏينهن هو.مهينن جي وٺ وٺان کان پوءِ، مذاڪرات جي ذريعي يا ڌمڪين رستي يا ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو، جي پاليسي اختيار ڪري،يا ٻن ٽن رڪنن کي خريد ڪري يا غائب ڪري حڪومت پنهنجو انگ پورو ڪري ورتو ھو.حڪومت لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هو، اھڙي صورت حال ۾ حڪومت جو روحاني بابو، پنھنجا ماضيءَ جا زخم ڇو ُکرچي رهيو هو؟
شعر وزن ۾آھن يا نھ.حال پٽاندڙ آھن يا نھ ان جو فيصلو تھ ادبي نقاد ۽ سياسي مبصر ڪري سگهن ٿا.عام ڏسندڙن کي ته پراڻي اردو فلمن جا اهي سين ياد اچي ويا.جڏهن ھڪ گهر ۾ ڄڃ پھتي آھي.ڏوليءَ کڄڻ واري ھوندي آھي ۽ ڪنوار جو ناڪام عاشق ھڪ اداس ُڌن ۾ گانو ڳائڻ لڳندو آهي.ٽي ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم کان ناڪام عاشق تائين جو سفر.نوازشريف عوام جي اکين آڏو طئي ڪيو آھي.
اسٽيبلشمينٽ ٺاهيو پوءِ ڪڍيو، پوءِ عوام ٺاهيو مشرف ڪڍيو، وري عوام ٺاهيو، عدليه ڪڍيو،تھ پوءِ ظاهر آهي عدليه کي زهر ڏيڻ ۽ پوءِ جيئڻ مرڻ جا طعنا ٺھڪن ٿا،پر جنھن ملڪ ۾ ھو چاھي ٿو عوام ھن جي غم کي سمجھي، ان ملڪ ۾سندس ننڍو ڀاءُ وزيراعظم آهي، سندس (سنڍو) ساڙھو نائب وزيراعظم آهي، سندس ڌيءَ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جي طاقتور وزيراعليٰ آهي، پوءِ به اسان کان شڪايت آھي ته دلدار ناهيون.هن جو غم ان ُبزرگ ماڻهوءَ جو غم لڳي ٿو، جيڪو چئن شادين ۽ چوڏهن ٻارن کان پوءِ پوٽن پوٽين سان شڪايت ڪندو رھي ٿو ته کيس سچو پيار ناھي مليو.
پراڻن بادشاهن کي هٽائڻ جا ٻه ئي طريقا ھئا، ڦاھي جو تختو يا قيد خانو يا ڪڏهن ڪڏھن رحم دل بادشاھ پاڻ کان اڳئين بادشاھ کي مقدس مقامن جي سير لاءِ موڪلي ڇڏيندا ھئا.پاڪستان بادشاهت ناهي.
پاڪستان جا موجوده حڪمران نواز شريف کي پنھنجو اصلي بابو بھ مڃين ٿاسياسي بھ، روحاني بھ، پنهنجي جلاوطني جي ڏينھِن ۾ نوازشريف مقدس مقامن ۾ خوب عبادت ڪري چڪو آھي.جڏهن چاهي پارليامينٽ ۾ کڙو ٿي عوام سان پنهنجو ويزن vision ،پنھنجا غم بھ بيان ڪري سگهي ٿو.جڏهن چاهي ته ڪنهن منصوبي جي افتتاح لاءِ ڦيٿي ڪٽڻ يا پنهنجي ڌيءَ جي راڄ کي ڏسڻ لاءِ پھچي سگهي ٿو.
هاڻي ڪيترو نھ سٺو ٿئي، جي ھو ھن ملڪ جي دوري تي نڪري پئي، جنهن کيس ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊيو، قيد به ڪيو ۽ دل بھ ٽوڙي، جلاوطن بھ ڪيو، پر آخرڪار هن کي روحاني حڪمران قبوليو ويو. جيئن ته هن وٽ في الحال ڪو سرڪاري عهدو نھ آهي، تھ ھو جنهن سان بھ چاهي ملي سگهي ٿو.
سندس غم تھ اسين ٻڌندا آيا آهيون، ھو ٻيو ڪجهه نھ، ته پنهنجي رعيت جو غم ٻڌڻ لاءِ نڪري پئي. ڪڏهن ڪنهن بلوچ خاندان جي احتجاجي ڪيمپ ۾وڃي ويھي رھي.ڪڏهن وڃي ماه رنگ بلوچ کي تسلي ڏئي ته، رياست مون سان به ظلم ڪيو ھو،مون پنهنجي لاءِ انصاف جي جنگ وڙھي،هاڻي مان توهان سان گڏ هلان ٿو.ڪڏهن منظور پشتين کي صلاح ڏئي ها ته ڪڏهن ڪڏهن عسڪري ادارن خلاف سخت زبان ڳالهائڻي پئجي ٿي. پر مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته انھن سان لڪ لڪوٽي ۾ ٻه قدم اڳتي ڪيئن رهي سگھجي ٿو.
پر اسين سڀ ڄاڻون ٿا تھ ھو ائين نھ ڪندو.عدليه سان جنگ جو ھڪڙو ئي مقصد هو ته، جج سندس ڀاءُ ۽ ٻارن سان اهو نه ڪري سگهن، جيڪو هن سان ڪيو ويو. نواز شريف شايد پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان خوش قسمت سياستدان آهي پر هو اها خوش قسمتي عوام سان ونڊڻ لاءِ تيار نھ آھي.ماڻهن سان ھو رڳو پنهنجا غم ونڊڻ لاءِ تيار آهي ۽ اداس ُڌنن ۾پنهنجي مرڻ ۽ جيئڻ جا گيت ڳائڻ چاهي ٿو.
آڪٽوبر 25, 2024