ڪنڊيارو جي هاء ويز ۽ بلڊنگس جي آفيسن ۽ پلاٽ  تي مبينا امڪاني قبضي خلاف احتجاج

Spread the love

ڪنڊيارو ( رپورٽ: ماجد علي ڪلھوڙو ) ڪنڊيارو جي هاء ويز ۽ بلڊنگس جي آفيسن ۽ پلاٽ  تي مبينه امڪاني قبضي خلاف هاءِ ويز ايمپلائيز يونين جي سڏ تي آفيس اڳيان  علامتي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو

 ان موقعي تي  رفيق منڱريو  شمن منڱريو ، اصغر لاکو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هاءِ ويز ۽ بلڊنگس جون آفيسون 1968 جون ٺهيل آهن جن جا نقشا پڻ موجود آهن ان وقت اداري پاران اهو پلاٽ خريد ڪيو ويو هو هاڻ آفيسن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ورهين کان سرڪاري آفيسون ۽ بنگلا ٺهيل آهن

 ضلعي جا انتظامي عملدار تماشو ڏسڻ ۾ پورا آهن ڊي سي نوشهرو فيروز سرڪاري آفيسون بچائڻ بدران آفيسن تي هٿ وٺي قبضا ڪرائي رهيو آهي ملازمن کي داٻا ڏئي رهيو آهي پر ملازم ڪنهن به صورت ۾ هن قبضي کي قبول نه ڪندا قبضي لاء مڪمل پلان جوڙيو ويو آهي احتجاج باوجود اختياريون خاموش آهن

 هنن مطالبو ڪيو ته هاءِ ويز ۽ بلڊنگس جي آفيسن تي امڪاني قبضي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي سرڪاري آفيسون بچايون وڃن ٻئي صورت روزانو بک هڙتال ڪئي ويندي.

آڪٽوبر 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو