مونکي اسپتال ۾ مذڪورہ شين جي کپائڻ جي اجازت ڏني وڃي: دلاور حسين چانڊيو
نوابشاهه (رپورٽ: ڪليم احمد ڈومکی) نوابشاهه جي قاضي احمد روڊ تي واقع ايم سي ايڇ اسپتال ۾ ماسڪ ۽ ٻارڙن جا ڪپڙا کپائي پيٽ گذر ڪندڙ اکين جي نور کان محروم فقير کوهي جو رھواسي دلاور حسين چانڊيو اسپتال ۾ مقرر پوليس اهلڪارن ۽ گارڊن خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته مان غريب ۽ مسڪين آهيان منهنجا والدين به انتهائي غريب آهن هن چيو ته مان اسپتال ۾ ماسڪ ۽ ٻارڙن جا ڪپڙا کپائي گذر سفر ڪندو آهيان
جڏھن ته ڪجهه ڏينهن اڳ اتان جي پوليس اهلڪارن ۽ گارڊن مونکان خرچي جي گهر ڪئي خرچي نه ڏيڻ تي هنن مون کي اسپتال ۾ ماسڪ کپائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي هن چيو ته مان ان سلسلي مان اسپتال جي انچارج کي دانهن ڏني پر تدارڪ نه ٿيو
هن چيو ته مان نابين ٻي هنڌ مزدوري ڪرڻ جهڙو نه آهيان هن وقت انتهائي تنگدستي واري زندگيءَ گذارڻ تي مجبور آهيان هن صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو.۽ ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو آهي ته مونکي اسپتال ۾ مذڪورہ شين جي کپائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ جي بجاءِ پنهنجي حق حلال جي پورهئي جي ڪمائي مان پيٽ گذر ڪري سگهان.
آڪٽوبر 24, 2024