موتمار ڌمڪي ۽ 5 ڪروڙن جو مطالبو ڪندڙ همراهه سلمان خان معافي گهري ورتي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي گينگسٽر لارنس بشنوئي گينت سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کان پنج ڪروڙ رپيا گهرندڙ شخص غلطي قبول ڪندي معافي گهري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن طرفان ممبئي جي ٽريفڪ پوليس کي واٽس ايپ پيغام مليو هو جنهن ۾ اداڪار کي موت مار ڌمڪي ڏني وئي هئي.
پيغام ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن سلمان خان جيئرو رهڻ ۽ پراڻي دشمني ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته پنج ڪروڙ رپيا ادا ڪري، ڌمڪي کي مذاق نه سمجهيو وڃي، ٻي صورت ۾ اداڪار سان مهارشٽرا جي اڳوڻي وزير بابا صديقي کان به بدتر حشر ڪيو ويندو جنهن کي تازو ئي بشنوئي گينگ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي همراهه ممبئي پوليس سان رابطو ڪيو آهي.
ڄاڻايل همراهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن کان غلطي ٿي وئي، اِهو پيغام سلمان خان لاءِ غلطي سبب موڪليو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ممبئي ٽريفڪ پوليس کي اِهو پيغام جهارکنڊ مان مليو آهي، پيغام موڪليندڙ جي لوڪيشن ٽريس ڪئي وئي وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.
واضح رهي ته اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ته سلمان خان کي بشنوئي گينگ طرفان موتمار ڌمڪي ڏني وئي آهي.
سال 2022ع ۾ اداڪار کي ڌمڪي جوڳو خط سندس رهائش گاهه ويجهو هڪ بئنچ تان مليو هو ۽ مارچ 2023ع ۾ مبينا طور گينگ جي ميمبرن طرفان هڪ اي ميل موڪلي وئي هئي.
هلندڙ سال جنوري ۾ ٻن اڻڄاتل جوابدارن جعلي سڃاڻپ جي بنياد تي سلمان خان جي پنويل فارم هائوس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کانپوءِ اداڪار جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي هئي.
سلمان خان سان لارنس بشنوئي جو تڪرار ڪڏهن شروع ٿيو؟
بشنوئي برادري ۾ ڪاري هرڻ کي هڪ مقدس سمجهيو ويندو آهي.
بشنوئي ۽ سلمان خان وچ ۾ تڪرار ان وقت شروع ٿيو جڏهن سال 1998ع ۾ سلمان خان ساٿي اداڪار سيف علي خان، تبو، سونالي ۽ نيلم سان گڏ فلم ” هم ساٿ ساٿ هين “ جي شوٽنگ لاءِ راجسٿان جي شهر جوڌپور ۾ موجود هئا.
سال 2018ع ۾ جوڌپور جي عدالت ڪاري هرڻ جي ڪيس ۾ سلمان خان کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، بعد ۾ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پر ان کانپوءِ بشنوئي برادري دبنگ اسٽار جي جاني دشمن بڻجي وئي.
هلندڙ سال 14 اپريل جي صبح ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي ۾ سلمان خان جي اپارٽمينٽ ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.
ان کانپوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، شروعات جاچ دوران جوابدارن جو واسطو لارنس بشنوئي گينگ سان ڄاڻايو ويو هو.
گينگسٽر بشنوئي جي ڀاءَ انمول بشنوئي سلمان خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جي ذميواري قبول ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 13 آڪٽوبر تي گينگ جي هڪ ميمبر فيسبڪ پوسٽ ذريعي بابا صديقي جي قتل جي ذميواري قبول ڪئي.
فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو ويو ته گينگ بابا صديقي کي اداڪار سلمان خان ۽ دائود ابراهيم سان مبينا رابطن سبب نشانو بڻايو.
پوسٽ ۾ سلمان خان جي گهر جي ٻاهران فائرنگ ۾ هڪ جوابدار انوج ٿاپن جو به ذڪر ڪيو ويو هو.
ياد رهي ته لارنس بشنوئي جو ڳاڻيٽو ڀارت جي وڏن گينگسٽرز ۾ ٿيندو آهي ۽ هو هن وقت تهاڙ جيل ۾ قيد آهي.
مشهور پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به لارنس بشنوئي گينگ جي هڪ رڪن قبول ڪئي هئي.

آڪٽوبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو