نوشهروفيروز: سول اسپتال ۾ شاگرد سجاڳ سٿ پاران نااهل ايم ايس ڊاڪٽر کي هٽائڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍ ي وئي
نوشهروفيروز ( رپورٽ: محمد عادل عباسي) سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ شاگرد سجاڳ سٿ پاران نااهل ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت کي هٽائڻ لاء اڄ ٻئين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڊهي وئي ريلي پريس ڪلب کان ٿيندي سول اسپتال گيٽ آڏو پهتي احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ڪامريڊ زينب پيرزادو ۔ خالد راڄپر ۔ نويد راڄپر۔ حق نواز۔ عجيب رند ۔ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ اسد چانڊيو ۔ شهبان کوسو ۔۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چئيو ته ايم ايس سول اسپتال نوشهروفيروز ڊاڪٽر مبين راجپوت اسپتال کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي
اسپتال اندر ڪا به سهولت ناهي مريض اسپتال علاج ڪرائڻ اچن ٿا ته ڊاڪٽر مريضن کي جيڪا دوا لکي ڏين ٿا ته اسٽور وارا ۽ نااهل ايم ايس مبين راجپوت دوا ڏيڻ بدران مريضن کي زهر ڏين ٿا جيڪا پرچي ۾ دوا لکيل آهي
اها نٿا ڏين ٻيو وري نااهل ايم ايس مبين راجپوت عوام سان بتميزي ڪري ٿو جنهن سبب اسان مجبور ٿي اڄ سول اسپتال اندر نااهل ايم ايس خلاف احتجاج ڪيو پيا اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊي جي هليٿ ۔ ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريو ته هن نااهل ايم ايس کي هٽائي عوام کي زهر بدران دوائون ڏئي سهولتون ڏنيون وڃن .
آڪٽوبر 22, 2024